English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سراج الحق جي اپيل تي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ خلاف سنڌ ۾ مظاھرا
views
|
18th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
ڪراچي کان ڪشمور تائين جماعت اسلامی جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرا
ڪراچي / ٺٽو(اسٽاف رپورٽر) نگران حڪومت پاران پيٽرول ۽ ڊيزل اگهن ۾ ڪيل ڳاٽي ٽوڙ اضافي خلاف امير جماعت اسلامي سراج الحق جي اپيل تي جمعي ڏينهن ملڪ گير احتجاج جي سڏ تي اڄ ڪراچي کان ڪشمور سموري سنڌ ۾ ڀرپور احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. جن کي صوبائي، ضلعي ۽ مقامي اڳواڻن خطاب ڪيو جڏهن ته پيٽرول جي قيمتن سميت مهانگائي خلاف قراردادون پڻ منظور ڪيون ويون. اڳواڻن جو چوڻ هو ته غيرن جي غلام ۽ آءِ ايم ايف جي اشارن تي نچڻ وارن حڪمرانن ظالماڻين پاليسين ذريعي عوام جو جيئڻ مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي، پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي کان پوءِ ٽرانسپورٽ جي ڪراين سميت روزاني واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ٿيندو. ان سلسلي ۾ڪراچي، حيدرآباد، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، سکر، تنگواڻي، رسالدار، ڪشمور، عرضي ڀٽو، ميرپورخاص ، ٽنڊوجان محمد، شڪارپور، لاڙڪاڻو،شهدادڪوٽ، خيرپور ميرس، بدين، مٺي، گهارو، جهرڪ سميت مختلف شهرن ۾ جماعت اسلامي جي صوبائي، ضلعي ۽ مقامي اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ مظاهرا ڪيا ويا، مظاهرين کي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيل هئا جن تي “ پيٽرول جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو نامنظور، آءِ ايم ايف جي غلام حڪومت نامنظور” سميت مختلف نعرا لکيل هئا. جڏهن ته مظاهرين اُڀ ڏاريندڙ نعري بازي پڻ ڪري رهيا هئا. جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي ڪراچي ۾ رٿيل احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته بجٽ جو خسارو پورو ڪرڻ ۽ پنهنجون عياشيون جاري رکڻ لاءِ آءِ ايم ايف جي فرمائش تي سڄو بار عام ماڻهو مٿان وجهڻ سراسر ظلم آهي، بجلي، گيس ۽ روزاني واهپي وارين شين جي اگهن ۾ اضافي جي ڪري عام ماڻهو اڳ ۾ ئي غربت، بُک، بدحالي ۽ مفلسي جي ڪري سخت پريشان آهي ان ڪري پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ڪيل تازو اضافو واپس ورتو وڃي.هن وقت غريب عوام اڳواٽ ئي ساهه کڻڻ ۾ هلاڪ آهي، مٿان وري پيٽرول جي اگهن ۾ هڪ مهيني اندر ٻه ٻه ڀيرا ٿيندڙ واڌ عام ماڻهو جو جيئڻ ئي جنجال بڻائي ڇڏيو آهي. سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته جنهن تيزي سان ملڪ اندر مهانگائي ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي اهو سلسلو آخرڪار ڪيستائين هلندو؟ معيشت جي خراب ٿيندڙ صورتحال سبب ماڻهو اڳ ۾ ئي عذاب جو شڪار آهن ۽ غربت ۾ شديد اضافو ٿي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ عام ماڻهو پنڻ جهڙا ٿي ويا آهن، تنهن ڪري حڪومت کي گهرجي ته عوام مٿان پنهنجي عياشين جو بار ڪيرائڻ بدران عوام دشمن پاليسي تي نظرثاني ڪري ته جيئن ماڻهن کي جيئڻ جو حق ملي سگهي، وڌندڙ مهانگائي سبب نه فقط غربت ۾ اضافو ڪري رهي آهي پر ملڪ اندر خودڪشين ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي، معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ تي ڪو به اعتراض ڪونهي پر سمورو بار عوام تي ڪيرائڻ مناسب ناهي، ائين نه ٿئي ته معيشت ٺيڪ ڪندي ڪندي عوام کي ئي زنده دفن ڪري ڇڏجي، ملڪن جو نظام ۽ وجود عوام سان ئي آهي، جيڪڏهن عوام ئي نه رهندو ته پوءِ حڪومت ڪنهن تي ڪبي! ان ڪري حڪومت کان اها توقع ۽ اميد رکون ٿا ته عوام مٿان مهانگائي جو نه کٽندڙ سلسلي کي بريڪ هڻي هاڻ رليف ڏنو وڃي، ڇو ته پي ٽي آءِ کان پوءِ پي ڊي ايم سرڪار جي 16 مهينن واري سرڪار اڳ ۾ ئي عوام جا لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن انڪري ڪاڪڙ سرڪار پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ڪيل تازو اضافو في الفور واپس وٺي عوام کي جيئڻ جو حق ڏي ٻي صورت ۾ احتجاج جي دائري کي اسلام آباد تائين وڌائڻ تي غور ڪنداسين. هوڏانهن پنج گولاچونڪ خيرپور ۾ مظاهري کي خطاب ڪندي صوبائي نائب امير ممتاز حسين سهتو چيو ته پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ مهيني ۾37 روپين ۽ ڊيزل جي اگهه ۾ 40 رپين تائين جو اضافو ڪري حڪومت غريب عوام جي مٿان مهانگائيءَ جو ايٽم بم اڇلايو آهي. موجوده حڪمرانن جو عوام کي رليف ڏيڻ ته پري جي ڳالھ آھي پر کين اهو به خيال نه آيو ته غريب ۽ وچولي طبقي جو عوام سندن اهڙي فيصلي کان پوءِ ڪيڏي وڏي بحران، بک بدحالي ۽ تڪليف جي وَر چڙهي ويندو؟ افسوس سان اهو چوڻو ٿو پوي ته پي ڊي ايم حڪمران ٽولي کان پوءِ موجوده نگران سرڪار به آءِ ايم ايف جي ڊڪٽيشن تي عمل ڪندي عوام جي نَڙي تي لت ڏئي ڇڏي آهي.تيل جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ مهانگائي ٻيڻ تي ٿي ويندي ۽ غريب ماڻهن جو جيئڻ تمام مشڪل بڻجي ويندو. حڪمران پنهنجي عيش و عشرت جي زندگي گھارڻ ۽ پنهنجا خرچ گهٽائڻ جي بدران غريب ۽ وچين طبقي جي ماڻهن جي مٿان ٻوجھُ ۽ رڪاوٽون پيدا ڪري رهيا آهن، جنهن سبب عام ماڻهو جو جئيڻ مشڪل ٿي پيو آهي. ان موقعي تي ضلعي امير مولانا ثناء الله منصوري پڻ خطاب ڪيو. هوڏانهن لاڙڪاڻو پريس ڪلب سامهون رٿيل احتجاجي مظاهري کي صوبائي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ خطاب ڪندي چيو ته پرڏيھي مالياتي ادارن ۽ سامراجي طاقتن جي اشارن تي نچڻ وارا سندن اڳواڻ جيڪي مھانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ جون وڏيون وڏيون دعوائون ڪرڻ وارن ملڪ ۽ قوم جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آھي، هڪ مهيني اندر پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 40 رپين تائين جو اضافو ٿيڻ سان جيڪا ملڪ اندر مھانگائيء جي سونامي ايندي ان کي ڪير منھن ڏيندو جيڪو ڀاڙو 3 سئو روپيا ھيو اھو چار سئو روپيا ٿي ويندو جيڪو اٽو پھرين ئي 150 روپيا ڪلو وڪرو پي ٿيو اھو اٽو ھاڻي 200 روپيا ڪلو وڪرو ٿيندو، گيھ داليون سبزيون مڇي گوشت تہ عوام جي خريدڻ کان ڪوھين ڏور ھو، پر هاڻي ماڻهو سبزي کائڻ کان به لاچار ٿي ويا، مهانگائي جي ماريل عوام کي گهرجي ته هاڻي بک وگھئي مرڻ کان بھتر آھي تہ پنھنجي جائز حقن جي حاصلات لاء ظالم حڪمران لڏي جو گهيرائو ڪن نه ته ظالم ۽ بي حس حڪمران عوام جي مرڻ تي به ٽيڪس لڳائي ڇڏيندا.ان موقعي تي ضلعي امير قاري ابوزبير جکرو، مقامي امير رميز راجا شيخ پڻ خطاب ڪيو. ڪنڌڪوٽ ۾ صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عبدالحفيظ بجاراڻي، ضلعي امير غلام مصطفى ميراڻي، عمر فاروق چنه، عبيدالله بلوچ، مولانا رفيع الدين چنا ۽ ٻين اڳواڻن پريس ڪلب سامهون رٿيل مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جي خاتمي کان پوءِ پي ڊي ايم جي خزاني واري وزير مفتاح اسماعيل ۽ اسحاق ڊار المعروف اسحاق ڊالر عوام جي مٿان پيٽرول جو ائٽم بم ڪيرائي عام ماڻهوءَ جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي، انهن مان مس مس جان ڇٽي ته مٿان وري ڪاڪڙ سرڪار عوام مٿان هڪ ئي ڌڪ ۾ 20 رپين تائين اضافو ڪري اڳ ۾ ئي مهانگائي جي شڪار عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، وياج واري معاشي نظام ۽ قرض وٺي عياشيون ڪندڙ حڪمران ڪڏهن به عوام جا خيرخواه نٿا ٿي سگهن انڪري هاڻي ايندڙ چونڊن ۾ عوام ووٽ جي پرچي ذريعي کائنس انتقام وٺي سندن سياست کي هميشه لاءِ دفن ۽ جماعت اسلامي جي نيڪ ۽ صالح نمائندن کي ووٽ ڏئي اقتدار تائين پهچائي ته جئين سندن دردن جو درمان ٿي سگهي. جڏهن ته جيڪب آباد ۾ ضلعي امير حاجي ديدار علي لاشاري، عبدالصمد ڪٽبر، غلام حيدر پيرزادي، شهداد ڪوٽ جي مقام عرضي ڀٽو ۾ مقامي امير رياض احمد ڀٽو، بدين ۾ ضلعي امير سيد علي مردان شاه، الله بچايو هاليپوٽو، عبدالڪريم بُليدي ۽ محمد موسى ملاح، گهارو ۾ مقامي امير مولانا عبدالسميع هاليپوٽو، محمد سليم ناهيون ۽ محمد علي خٽڪ، جهرڪ ۾ ضلعي نائب امير غلام شفيع سمون، سکر۾ صوبائي اڳواڻ علامہ حزب الله جکرو، زبير حفيظ نظام شاھ ، ڪنري ۾ خليل کوکر، ٽنڊو الھيار ۾ ديد بھراڻي، رائو جاويد احمد ، ميرپورخاص ۾ رفيق چوھاڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو جڏھن تہ مٺي ۾ ضلعي امير ميرمحمد بليدي، سبحان سميجو۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.#
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
اياز لطيف پليجو: سنڌ جي حقن جي جنگ جو اڻٿڪ سپه سالار
14th Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان میں سموگ کے اثرات اور ان کا سد باب
14th Nov 2024
•
شوبز
آرٹس کونسل آف پاکستان کراچی کے زیر اہتمام 21روزہ ”عوامی تھیٹر فیسٹیول“ جاری
14th Nov 2024
•
سندھ
سيبس یونیورسٹی جامشورو میںسال 25-2024ع کا داخلا ٹیسٹ شروع، ملک بهر سے امیدوار شريک
14th Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
اياز لطيف پليجو: سنڌ جي حقن جي جنگ جو اڻٿڪ سپه سالار
14th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ 2معصوم سئوٽ چاچي هٿان بيدردي سان قتل
14th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس جي ڪارروائي، 5 منشيات فروش گرفتار
14th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ انتظاميه پاران واپارين کي کاڌ خوراڪ ۽ ٻيون شيون مقرر اگھه تي وڪرو ڪرڻ جو حڪم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Jamait Islami
Sindh
0 تبصرے