دادو جي واپڊا ايل ايس کي سترهين گريڊ ۾ ترقي

بجلي بابت عوامي شڪايتون حل ڪرڻ اولين ترجيح آهي: نصرالله ڏاهري

دادو جي واپڊا ايل ايس کي سترهين گريڊ ۾ ترقي

دادو (رپورٽر) دادو لائين سپرينڊنٽ واپڊا سيپڪو دادو نصرالله ڏاهري کي BPS 17 گريڊ ۾ ترقي ڏني وئي آھي ان موقعي تي نصرالله ڏاهري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته الله تعالى جا لک احسان آھن ۽ آئون ان جو شڪريو ادا ڪيان ٿو جنهن مونکي ترقي ڏياري دادو شھر جي عوامي خدمت ڪرڻ لاء پنهنجا فرض تندهي ۽ ايمانداري سان ادا ڪندس ۽ عوام جي بجلي متعلق ۽ ٻين شڪايتن ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ مان پنهنجو فرض سمجهان ٿو ۽ بجلي جي صارفين جي خدمت ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏبي ۽ٻئي طرف آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن ضلع دادو چيئرمين لاهوتي منير احمد سيال چيو ته لائين سپرينڊنٽ واپڊا نصرالله ڏاهري ھڪ نهايت نفيس طبيت رکندڙ سڀ ۽ هرڪنهن سان مرڪي ملڻ وارو ۽ انسانيت جي خدمت ڪرڻ واري جذبي رکندڙ ماڻھون آھي ۽ پاڻ ھميشه پنهنجي ڊيوٽي جا فرائض سر انجام ڏيڻ ۾ ڪا غفلت يا سستي نظر نه آئي آھي پاڻ پنهنجي ٽيم سان گڏجي بجلي جي سارفين جي جائز شڪايتن کي حل ڪرڻ ۽ انهن کي سهوليت پهچائڻ ۾ ڪا به ڪسر ناهي ڇڏيندو ۽ اسين دادو جا شھري سندس کي ترقي ملڻ تي خوشي جو اظھار ۽ مبارڪباد پيش ڪيون ٿا ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻ آپڪا احمد علي ڏاهري، اسدالله ڏاهري، مسرور هاليپوٽو ،سماجي اڳواڻ محبوب علي سومرو ، حبيب الله پنهور،صحافي قربان علي کوسو، شفيق احمد پنهور، صحافي علي گل پنهور، صحافي سليم اخترپنهور، شاهد علي گوپانگ حيدر پنهور، قادر بخش سولنگي، سونو خان پنهور پڻ موجود هئا