شڪارپور ويجھو رستم ۽ سي آءِ اي پوليس جي ڪارروائي ، خطرناڪ ھٿيار ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ

ھٿ ڪيل ھٿيارن ۾ 11 ڪلاشنڪوف، 45 ميگزين ۽ 14 ھزار 700 گوليون شامل

شڪارپور ويجھو رستم ۽ سي آءِ اي پوليس جي ڪارروائي ، خطرناڪ ھٿيار ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ

شڪارپور (احسان ابڙو)شڪارپور پوليس جي ڪامياب ڪارروائي، وڏي مقدار ۾ هٿيار اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي. سي آءِ اي پاسبان اياز احمد کیڙو کي ڳجهي اطلاع ملڻ تي رستم پوليس جي ڪامياب ڪارروائي. ايس ايس پي شڪارپور امجد احمد شيخ جي هدايتن تي سي آءِ اي پوليس ۽ ايس ايڇ او رستم جي ٽيم گڏيل ڪارروائي ڪندي شڪي ماڻهن جي موجودگي جي اطلاع تي ابراهيم پنهور جي اوطاق تي ڇاپو ھڻي وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪري ورتا، پوليس جو چوڻ آھي تھ ڪارروائي ۾ ھٿيارن جي بين الصوبائي اسمگلر کي به گرفتار ڪري ورتو آهي. هٿ آيل هٿيارن ۾ 11 ڪلاشنڪوف، 45 ميگزين ۽ 14 هزار 700 گوليون شامل آهن. هٿيارن سان ڀريل ڪار سميت گرفتار سمگلر پرويز احمد ولد سهراب رهائشي رحيم يار خان جو آهي. هٿيار ڪار جي ڳجهي خانن مان هٿ ڪيا ويا آهن. هٿ آيل هٿيار تيغاڻي گينگ ۽ جتوئي گينگ ڏانهن اسمگل ڪري رھيا ھئا. هٿيارن سان ڀريل ڪار سميت گرفتار جوابدار خلاف ٿاڻي رستم ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. هٿيارن جي اسمگلنگ ڪندڙ کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.