نوشھروفيروز ۾ آل سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونينز فيڊريشن ۽ اسڪارپ ايمپلائيز يونين جو احتجاج

سنڌ حڪومت 6جون تي ڪراچي ۾ ڌرڻي دوران ٿيل معاهدي تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي: ملازم اڳواڻ

نوشھروفيروز ۾ آل سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونينز فيڊريشن ۽ اسڪارپ ايمپلائيز يونين جو احتجاج

نوشھروفيروز( ڊ ر) آل سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونينز فيڊريشن ۽ اسڪارپ ايمپلائيز يونين نوشھروفيروز ڊويزن طرفان ڪراچي معاهدي تي عمل نه ڪرڻ۔ ڊيوٽي ڪندڙ ۽ ريٽائرڊ ملازمن جي اولاد کي نوڪريون ڏيڻ بجاء سياسي ڀرتيون ڪرڻ خلاف اسڪارپ آفيس نوشھروفيروز آڏو ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو ويو۔ ان موقعي تي آل سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونينز فيڊريشن جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري اقبال احمد لاڙڪ۔ اسڪارپ ايمپلائيز يونين نوشھروفيروز ڊويزن جي صدر ساگر يوسف منگي۔ خادم حسين مري۔ علي نواز سولنگي۔ محمد خان مشوري۔ ڪلارڪ ايسوسيئيش جي صدر ڪانڊيرو خان ابڙواعظم عالماڻي۔ سيد ظفر علي شاه ۽ ٻين پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌ حڪومت طرفان ڪيل 6 جون تي ڪراچي ۾ ڌرڻي دوران ٿيل معاهدي تي عمل نه ڪرڻ ملازمن سان سراسر زيادتي آھي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا۔ هنن چيو ته سنڌ حڪومت نوڪري ڪندڙ ۽ ريٽائر ملازمن جي اولاد کي نوڪري ڏيڻ بجاء سياسي ۽ سفارشي ڀرتيون ڪرڻ چاهي ٿي جيڪا ڳاله ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي نوڪريون ڊپٽي ڪمشنر بجاء لاڳاپيل کاتن جي چيف انجنير۔ انجنيئرن طور ميرٽ تي ڏنيون وڃن۔ هنن وڌيڪ چيو ته سياسي ڀرتيون بند ڪري ٻيا جائز مطالبا منظور نه ڪيا ويا ته ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو جيڪو مطالبن جي مڃتا تائين جاري رهندو۔