سنڌ ۾ معذورن بابت قانون سندن حقن جو مڪمل تحفظ ڪري ٿو: عابد لاشاري

مقامي حڪومت پاران معذورن جي مخصوص نشستن جو مختص ڪرڻ ساراھ جوڳو عمل آهي

سنڌ ۾ معذورن بابت قانون سندن حقن جو مڪمل تحفظ ڪري ٿو: عابد لاشاري

نواب شاه(ڊ ر) پاڪستان يو ايس المنائي نيٽ ورڪ پاران عابد لاشاري جي سربراهي ۾ معذورن جي سياسي شموليت کي يقيني بڻائڻ لاءِ مڪاني ادارن جي عملدارن لاءِ معذورن جي حقن جي تحفظ جي قانون بابت تربيتي نشست منعقد ڪئي وئي. ورڪشاپ دوران منصوبي جو ڪوآرڊينيٽر عابد لاشاري، رياض حسين شر، جاويد علي ملاح، ڪائونسلر ناصر حسين غوري، مڪاني کاتي جي عملدارن شبير لاشاري، شوڪت علي، نظام الدين ۽ ٻين سماجي اڳواڻن لال چند لوھاڻو، شھناز لاکو، فرحانه ناز، شبانه ناز، عاصمه منير آرائين، طارق حسين چنڙ، ياسين خاصخيلي، منٺار مگسي، دلمراد مري، عبدالڪريم چانڊيو، مرتضيٰ مغيري ۽ ٻين مقررين چيو ته مقامي سطح جي حڪومت پاران معذورن جي مخصوص نشستن جو مختص ڪرڻ ساراھ جوڳو عمل آهي. مڪاني کاتي جي عملدارن کي معذورن جي حقن جي قانون مطابق معذور ڪائونسلرن سان پيش اچڻ گهرجي. معذورن جي حقن جو قانون ھڪ جامع قانون آھي جيڪو زندگي جي ھر شعبي ۾ معذورن جي حقن بابت مڪمل ڄاڻ ۽ رھنمائي مھيا ڪري ٿو. جيئن معذوري مطابقت ماحول جي فراھمي، مڪاني کاتي ۾ ڪائونسلر جي فرضن ۽ ذميداري بابت ڄاڻ ڏيڻ، بجيٽ جي حصيداري مطابق معذور ڪائونسلر جا اختيار واضح ڪرڻ شامل آھن. قانون مطابق معذور ڪائونسلر سان مثبت رويا رکڻ، معذور جي رسائي کي يقيني بڻائي سياسي شموليت جو عملي مظاهرو ڪيو وڃي، جيئن معاشري ۾ فيصله سازي جي عمل ۾ عملي طرح معذور شامل ٿي مقامي سطح تي عوام جي خدمت ڪري سگھن. ان موقعي تي 500 معذوري سرٽيفڪيٽ ۽ شناختي ڪارڊ ٺھرائڻ جو اعلان ڪيو ويو جيئن وڌ کان وڌ معذور سياسي شموليت ۾ عملي طرح شامل ٿي سگھن. ورڪشاپ دوران معذورن جي سماجي و سياسي قبوليت، روزگار ۽ تعليم جا موقعا پڻ ذڪر ھيٺ آيا. جيئن معذور عملي طرح قومي ڌارا ۾ شامل ٿي سگھن.