ڀٽ شاهه ۾ پٽ ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي ماءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

جوابدار اسرار لاشاري پنهنجي امڙ شازيه کي قتل ڪرڻ بعد پوليس وٽ پيش

ڀٽ شاهه ۾ پٽ ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي ماءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

ڀٽ شاھ جي پير محلي ۾ پٽ ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي ماءُ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار اسرار لاشاري پنهنجي امڙ شازيه زال گلاب لاشاري کي پسٽل جون گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي، واقعي دوران ڪارنهن الزام هيٺ آيل امام الدين پلال ڀڄي جان بچائي، جوابدار قتل جي واردات بعد گرفتاري ڏئي ڇڏيو، پوليس مقتولا جو لاش اسپتال منتقل ڪرڻ بعد ڪارنهن الزام هيٺ آيل امام الدين پلال کي به گرفتار ڪري ورتو.