ڀارتي جيلن ۾ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيندڙ 4 پاڪستاني مهاڻا آزاد

آزادي ماڻيندڙن ۾ احمد ٿهيم؛ حمزه ٿهيم؛ راهب چنداڻي؛ لونگ چنداڻي به شامل

ڀارتي جيلن ۾ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيندڙ 4 پاڪستاني مهاڻا آزاد

سجاول (گلشيرميربحر) ڀارتي جيلن ۾ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيندڙ 4 پاڪستاني ماهيگيرن کي آزاد ڪيو ويو آهي، آزادي حاصل ڪندڙ ماهيگيرن جو تعلق سجاول ضلعي جي ساحلي تعلقي جاتي سان آهي، 6 سالن کان پوءِ گهر پهچندڙ ماهيگيرن جو شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ سنڌ جي ثقافت اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا. آزادي ماڻيندڙن ۾ احمد ٿهيم؛ حمزه ٿهيم؛ راهب چنداڻي؛ لونگ چنداڻي به شامل آهي، ٻئي طرف پاڪستان فشر فوڪ اڳواڻ نور محمد ٿهيم جو چوڻ آهي ته سجاول ضلعي جا وڌيڪ 37 ماهيگير ڀارتي جيلن ۾ اڃان به قيد آهن.