پورٽ قاسم اٿارٽي پاران شاهه حسن ٻيٽ ۾ وڻن جي واڍي لاءِ اين او سي جاري

پورٽ قاسم اٿارٽي پاران شاهه حسن ٻيٽ ۾ وڻن جي واڍي لاءِ اين او سي جاري

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پورٽ قاسم اٿارٽي پاران صنعتي علائقن ۽ واٽر چينل ڀرسان باهه جي خطرن کي گهٽائڻ جي نالي تي جهنگلي ٻوٽن ۽ ديوين جي وڻن جي صفائي لاءِ اين او سي جاري ڪرڻ کانپوءِ نئون تڪرار جنم وٺي ويو آهي. سنڌ انڊيجينس رائيٽس الائنس، درگاهه شاهه حسن جي متولين ۽ مقامي رهواسين اين او سي کي رد ڪندي الزام هنيو آهي ته ان جي آڙ ۾ تاريخي شاهه حسن ٻيٽ ۽ درگاهه جي حدن اندر موجود وڻ وڍي زمين تي قبضي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پورٽ قاسم اٿارٽي جي انوائرمنٽ اينڊ سيفٽي ڊپارٽمينٽ طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ميسرز ايس ڊبليو ايڇ انٽرپرائزز کي ڇهن مهينن لاءِ حساس علائقن ۾ ڪيڪر ۽ جهنگلي ٻوٽن جي صفائي جي اين او سي جاري ڪئي وئي آهي. اٿارٽي جو موقف آهي ته هي قدم صنعتي علائقن ۾ لڳندڙ باهه جي واقعن جي روڪٿام، ماحولياتي خطرن کي گهٽائڻ ۽ آپريشنل سرگرمين جي تحفظ لاءِ کنيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته صرف منظور ٿيل جهنگلي ٻوٽن جي صفائي ٿيندي، جڏهن ته محفوظ يا آرائشي وڻن کي ڪٽڻ جي اجازت نه هوندي. ٻئي طرف سنڌ انڊيجينس رائيٽس الائنس جي صدر سيد خدا ڏنو شاهه، حفيظ بلوچ، عبدالخالق جوڻيجو ۽ ٻين مقامي اڳواڻن گڏيل بيان ۾ الزام هنيو آهي ته پورٽ قاسم اٿارٽي اوچتو تاريخي شاهه حسن ٻيٽ ۽ درگاهه جي حدن ۾ ڳري مشينري پهچائي وڻن جي واڍ شروع ڪرائي، جيڪو غيرقانوني عمل ۽ اختيارن جو ناجائز استعمال آهي هنن چيو ته درگاهه جي زمين خود پورٽ قاسم جي رڪارڊ ۽ نقشن ۾ موجود آهي، جتي بيٺل تمر، ديوي ۽ ٻيا وڻ سامونڊي هوائن، طوفانن ۽ سامونڊي چاڙهه کان درگاهه، قبرستان ۽ تاريخي ماڳ کي تحفظ فراهم ڪن ٿا. انهن وڻن جي واڍ سان نه رڳو ماحولياتي نقصان ٿيندو، پر تاريخي ۽ مذهبي ورثو پڻ خطري ۾ پئجي ويندو.ميڊياسان ڳالهائيندي اڳواڻن وڌيڪ چيو ويو ته ماضي ۾ به اهڙيون ڪوششون ٿيون آهن، پر هاڻي هڪ منظم رٿا تحت درگاهه ۽ ٻيٽ تي قبضي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اڳواڻن الزام هنيو ته وڻن جي واڍ کي صفائي مهم جو نالو ڏئي سرڪاري فنڊن جي غلط استعمال جو رستو هموار ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته علائقي ۾ ڪا به اهڙي صنعتي تعمير موجود ناهي، جيڪا اهڙي وڏي پيماني تي وڻ وڍڻ جي تقاضا ڪري سنڌ انڊيجينس رائيٽس الائنس ۽ مقامي رهواسين وفاقي حڪومت، سنڌ حڪومت، چيئرمين پورٽ قاسم اٿارٽي، ڊپٽي ڪمشنر ملير ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته اين او سي کي فوري طور معطل ڪري معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ تاريخي شاهه حسن ٻيٽ، درگاهه، قبرستان ۽ قدرتي ماحول کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. مقامي قيادت اعلان ڪيو آهي ته جيڪڏهن وڻن جي واڍ ۽ مبينا قبضي جون ڪوششون بند نه ڪيون ويون ته ايندڙ ڏينهن ۾ وڏو احتجاج ڪيو ويندو، عدالت سان پڻ رجوع ڪيو ويندو ۽ پنهنجي تاريخي ورثي، درگاهه ۽ اباڻين قبرن جي تحفظ لاءِ هر قانوني ۽ آئيني فورم تي جدوجهد جاري رکي ويندي.