English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي ڀرپور ادبي ويهڪ، شاعري ۽ گيت پيش
52 views
|
20th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
دستوري گڏجاڻي عوامي پريس ڪلب ملير ۾ خوبصورت شاعر نويد چاچڙ جي صدارت هيٺ ٿي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي عوامي پريس ڪلب ملير ۾ خوبصورت شاعر نويد چاچڙ جي صدارت هيٺ ٿي جنهن ۾ شاعرن، اديبن ۽ ادب دوستن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ سڪندر سرواڻ، سيد غفور شاهه تقوي، اصغر مهرائي، مجيب سنڌي، امداد لاشاري، پنهل پياسي، سجاد علي شاهه ۽ گلاب راءِ پنهنجي نڪور شاعري پيش ڪئي جنهن کي شرڪت ڪندڙن ڀرپور داد ڏنو.م نوجوان راڳي عبدالخالق ڀٽي پنهنجي سريلي آواز ۾ گيت پيش ڪيو ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي سنڌي ادبي سنگت شاخ گهوٽڪي جي اڳوڻي سيڪريٽري ۽ نامياري شاعر نويد چاچڙ چيو ته سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جون مسلسل ادبي سرگرميون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته ملڪ سڄو ماٺار ۾ ويڙهيو پيو آهي، پر سنڌي ادبي سنگت جاڳي ٿي هن چيو ته شاخ ملير جي سيڪريٽري مجيب سنڌي ۽ سندس ساٿين طرفان ادبي سرگرمين جو تسلسل برقرار رکڻ تاريخي ۽ ساراهه جوڳو عمل آهي هن وڌيڪ چيو ته سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير، سنڌ جي نمائنده ادبي شاخ جي حيثيت رکي ٿي، جتي باقاعده دستوري گڏجاڻين سان گڏ تنقيدي ۽ اصلاحي ڪلاس پڻ منعقد ڪيا وڃن ٿا، جيڪي نون تخليقڪارن جي فني تربيت ۽ ادبي واڌ ويجهه ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن نويد چاچڙ چيو ته اڄوڪي گڏجاڻي ۾ پيش ڪيل شاعريءَ ۾ قومي، سماجي ۽ شعوري سجاڳي جو پيغام نمايان نظر آيو، جڏهن ته تخليقن ۾ خوبصورت منظر نگاري پڻ موجود هئي گڏجاڻي ۾ عنايت علي شاهه، سامي ميمڻ، سليمان شاهه، شيراز علي ۽ سعيد سولنگي سميت وڏي تعداد ۾ ادب دوستن شرڪت ڪئي. آخر ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي ميمبر گلاب راءِ جي ننڍي ڀيڻ جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
31st Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
محسن نقوي جي تقرير کانپوءِ پاڪستان جو سياسي مستقبل: جمهوريت، نوان صوبا يا نئون سماجي معاهدو؟"
30th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان میں بڑھتے ہوئے تھیلیسیمیا کے کیسز اور خون کے عطیات کی اہمیت
30th Jul 2026
•
تازہ ترین
میرٹ اور مستقبل کے تحفظ کے لیے احتجاج کرنے والے نوجوان پرعزم، قومی شاہراہ پر دھرنے کی تجویز
30th Jul 2026
•
تازہ ترین
امریکا کا ایران کی سمندری ناکہ بندی مزید سخت کرنے کا دعویٰ
31st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
گھگھر ڦاٽڪ واري علائقي ۾ پوليس جي گهر تي مبينا چڙهائي، نوجوان کنڀي گم ڪرڻ جو الزام
31st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: اي ڊي سي ون عمران الحق جي صدارت ھيٺ اجلاس
31st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سيٺارجا ۾ صحافي اتحاد خيرپور پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي
31st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ آگاهي مهم بابت گڏجاڻي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي ڀرپور ادبي ويهڪ،
0 تبصرے