English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: گلشنِ حديد ڀرسان لنڪ روڊ تي ٻن ٽرالرن ۾ خوفناڪ ٽڪر، هڪ ڊرائيور فوت
95 views
|
16th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ٽول پلازا وٽ ٻن ٽرالرن ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ھڪ ڊرائيور 25 ورهين جو محمد آصف فوت
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گلشنِ حديد ڀرسان لنڪ روڊ ٽول پلازا وٽ ٻن ٽرالرن ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڊرائيور فوت ٿي ويو. حادثي جي اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون ۽ ضروري ڪارروائي مڪمل ڪئي پوليس موجب فوتي جي سڃاڻپ 25 ورهين جي محمد آصف ولد نذير احمد طور ٿي آهي. فوتي جو لاش قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ضابطا مڪمل ٿيڻ کان پوءِ وارثن حوالي ڪيو ويندو شروعاتي ڄاڻ موجب ٻنهي ٽرالرن جي پاڻ ۾ ٽڪرائجڻ سبب حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ محمد آصف سخت زخمي ٿي موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. حادثي کان پوءِ لنڪ روڊ تي ٽريفڪ جي رواني پڻ متاثر ٿي، جڏهن ته پوليس ٽريفڪ بحال ڪرائڻ لاءِ قدم کنيا. پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ حادثي جي اصل سببن بابت شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن. ابتدائي طور تي تيز رفتاري ۽ لاپرواهي کي حادثي جو امڪاني سبب قرار ڏنو پيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
25th Aug 2026
•
سندھ
اسوہ حسنہ پوری انسانیت کے لیے مشعل راہ ہے، نظام مصطفیٰ ﷺ کی جدوجہد تیز کرنا عشق مصطفیٰ ﷺ کا حقیقی تقاضا ہے، کاشف سعید شیخ
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ميرٽ جو جنازو !!!
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ کي گوانگ ڊانگ، ڪيليفورنيا ۽ ٽيڪساس جهڙو ڪيئن بڻايو وڃي؟
21st Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعليم جي نالي ۾ ملير جي مٽيءَ جو ماتم، ايجوڪيشن سٽي، اجڙندڙ ڳوٺ ۽ خاموش ٿيندڙ آواز
25th Aug 2026
•
سندھ
اسوہ حسنہ پوری انسانیت کے لیے مشعل راہ ہے، نظام مصطفیٰ ﷺ کی جدوجہد تیز کرنا عشق مصطفیٰ ﷺ کا حقیقی تقاضا ہے، کاشف سعید شیخ
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ميرٽ جو جنازو !!!
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ کي گوانگ ڊانگ، ڪيليفورنيا ۽ ٽيڪساس جهڙو ڪيئن بڻايو وڃي؟
21st Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعليم جي نالي ۾ ملير جي مٽيءَ جو ماتم، ايجوڪيشن سٽي، اجڙندڙ ڳوٺ ۽ خاموش ٿيندڙ آواز
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: گلشنِ حديد ڀرسان لنڪ روڊ تي
0 تبصرے