English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ اھم اجلاس
93 views
|
15th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
روينيو معاملن، رڪارڊ جي ٻيهر لکت ۽ عدالتن ۾ التوا هيٺ ڪيسن بابت غور ويچار
ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ روينيو سان لاڳاپيل مختلف معاملن، تعلقن ۾ رڪارڊ جي ٻيهر لکت (ري رائيٽنگ) ۽ عدالتن ۾ التوا هيٺ ڪيسن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو.اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمران الحق ، اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن ۽ لاڳاپيل روينيو آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ضلعي جي سمورن تعلقن ۾ جاري رڪارڊ جي ٻيهر لکت جي اڳڀرائي، روينيو سان لاڳاپيل مختلف معاملن ۽ عدالتن ۾ التوا هيٺ ڪيسن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ڊپٽي ڪمشنر لاڳاپيل آفيسرن کان تعلقي وار ڪارڪردگي رپورٽ طلب ڪندي جاري ڪمن ۾ پيش ايندڙ رڪاوٽن ۽ انهن جي ترت حل بابت پڻ خيال ونڊيو. ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت روينيو آفيسرن کي سختي سان هدايت ڪئي ته رڪارڊ جي ٻيهر لکت جو عمل مقرر وقت اندر مڪمل ڪيو وڃي، روينيو سان لاڳاپيل سمورا معاملا قانون موجب بروقت نبيريا وڃن ۽ عدالتن ۾ التوا هيٺ ڪيسن جي مؤثر پيروي ڪندي انهن کي جلد کان جلد حل ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته روينيو رڪارڊ جي درستگي، شفافيت ۽ بروقت دستيابي عوامي خدمتن جي بهتري لاءِ انتهائي ضروري آهي. ڊپٽي ڪمشنر سڀني آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجون ذميواريون مڪمل ايمانداري، پيشاورانه مهارت ۽ ذميواري سان نڀائين، جيئن عوام کي بهتر ۽ بروقت روينيو خدمتون فراهم ڪري سگهجن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Aug 2026
•
تازہ ترین
بلاول کے بیان کا غلط مطلب لیا گیا، چیئرمین سندھی قوم پرستوں کی عزت کرتے ہیں: شرجیل میمن
20th Aug 2026
•
سندھ
شاہ رخ خان اور عابدہ پروین سمیت 6 افراد گریڈ 16 میں سیکنڈری اسکول ٹیچر بھرتی!
20th Aug 2026
•
تازہ ترین
بلاول قوم پرستوں سے متعلق بیان سے پیچھے ہٹ گئے، الفاظ کے انتخاب میں غلطی ہوئی: پیپلز پارٹی چیئرمین کا اعتراف
20th Aug 2026
•
تازہ ترین
چیف آف ڈیفنس فورسز کے اختیارات سے متعلق پاکستان ڈیفنس فورسز ایکٹ 2026ء میں ترامیم قومی اسمبلی اور سینیٹ سے منظور
20th Aug 2026
•
تازہ ترین
بلاول کے بیان کا غلط مطلب لیا گیا، چیئرمین سندھی قوم پرستوں کی عزت کرتے ہیں: شرجیل میمن
20th Aug 2026
•
سندھ
شاہ رخ خان اور عابدہ پروین سمیت 6 افراد گریڈ 16 میں سیکنڈری اسکول ٹیچر بھرتی!
20th Aug 2026
•
تازہ ترین
بلاول قوم پرستوں سے متعلق بیان سے پیچھے ہٹ گئے، الفاظ کے انتخاب میں غلطی ہوئی: پیپلز پارٹی چیئرمین کا اعتراف
20th Aug 2026
•
تازہ ترین
چیف آف ڈیفنس فورسز کے اختیارات سے متعلق پاکستان ڈیفنس فورسز ایکٹ 2026ء میں ترامیم قومی اسمبلی اور سینیٹ سے منظور
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت
0 تبصرے