سنڌ انڊيجينئس رائيٽس الائنس جي مرڪزي جنرل باڊي جو اجلاس

اجلاس ۾ نون عهديدارن جي چونڊ، خدا ڏنو شاه صدر ۽ حفيظ بلوچ ٻيهر چونڊجي ويا

سنڌ انڊيجينئس رائيٽس الائنس جي مرڪزي جنرل باڊي جو اجلاس

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)سنڌ انڊيجينئس رائيٽس الائنس جي مرڪزي جنرل باڊي جو اجلاس گڏاپ ملير ۾ مرڪزي صدر خدا ڏنو شاهه جي صدارت ۾ ٿيوجنهن ۾ تنظيم جي گذريل ٽن سالن جي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي ويئي ان موقعي تي نئين مرڪزي ڪابينا ۽ ڪراچي چيپٽر جي عهديدارن کي جمهوري طريقي سان چونڊيو ويو. .اليڪشن ڪاميٽي ڊاڪٽر رخمان گل پالاري کي چيئرمين، جمن حمايتي ۽ علي نواز جوکيو تنظيم جي آئين موجب شفاف، آزاد ۽ جمهوري طريقي سان چونڊون ڪرائيون جنهن جي نتيجي ۾ مرڪزي ڪميٽي ۾ خدا ڏنو شاهه صدر، عبدالخالق جوڻيجو نائب صدر، حفيظ بلوچ جنرل سيڪريٽري، ايڊووڪيٽ عبيره اشفاق رضوي جوائنٽ سيڪريٽري، عمران ڪلمتي خزانچي، سارنگ جويو پريس سيڪريٽري ۽ ايڊووڪيٽ معين مگسي آفيس سيڪريٽري چونڊيا ويا. ساڳئي ريت ڪراچي چيپٽر لاءِ ڪليم دراني صدر، ايڊووڪيٽ ڪاظم مهيسر نائب صدر، جمال ناصر جنرل سيڪريٽري، سلميٰ جوڻيجو خزانچي ۽ ايڊووڪيٽ حسيب پنهور پريس سيڪريٽري چونڊيا ويا.اجلاس ۾ جنرل باڊي جي ميمبرن تنظيم جي گذريل ٽن سالن جي ڪارڪردگي جو تفصيلي جائزو وٺندي تنظيمي معاملن، مستقبل جي حڪمت عملي ۽ اداري جي مضبوطي بابت اهم فيصلا ۽ سفارشون منظور ڪيون ويون