English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
فلم اسٽار مصطفيٰ قريشي جي گھرواري ۽ ناليواري گلوڪارا روبينا قريشي جي چوٿين ورسي
41 views
|
13th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
روبينه قريشي اڄ به منهنجين يادين ۾ زنده آهي، مان کيس ڪڏهن به وساري نه سگهيو آهيان: مصطفيٰ قريشي
ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان جي نامياري فلم اسٽار مصطفيٰ قريشي جي گهرواري ۽ واديءِ سنڌ جي مشهور گلوڪاره بلبل مهراڻ روبينه قريشي جي چوٿين ورسي گذريل ڏينهن عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. ان موقعي تي مصطفيٰ قريشي پاڪستان فلم ٽي وي جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي وفد سان گڏ حضرت عبدالله شاهه غازي جي مزار جي احاطي ۾ واقع روبينه قريشي جي قبر تي حاضري ڀري، فاتحه خواني ڪئي ۽ مرحومه جي مغفرت ۽ بلند درجن لاءِ دعا گهري. ان کان پوءِ مصطفيٰ قريشي جي طرفان مستحق ماڻهن ۾ نياز پڻ ورهايو ويو. تقريب ۾ پاڪستان فلم ٽي وي جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي چيئرمين اطهر جاويد صوفي، صحافي مصطفيٰ ملاح، اشرف ميمڻ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ان موقعي تي مصطفيٰ قريشي چيو ته روبينه قريشي اڄ به منهنجين يادين ۾ زنده آهي، مان کيس ڪڏهن به وساري نه سگهيو آهيان. هن چيو ته اسان ٻنهي گڏجي پنجاهه سالن کان وڌيڪ عرصو گذاريو، ۽ اڄ سندس يادون ئي منهنجي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو سرمايو آهن. هن عوام کي به اپيل ڪئي ته مرحومه روبينه قريشي جي مغفرت ۽ بلند درجن لاءِ خاص دعائون ڪندا رهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نظريو ڇا آهي؟ غلط ۽ درست ڪيئن قرار ڏجي؟
27th Jul 2026
•
پاکستان
اوورسیز پاکستانی ملکی معیشت کو مستحکم بنانے میں کلیدی کردار ادا کر رہے ہیں: ڈاکٹر پرویز اقبال لوہسر
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
29th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نظريو ڇا آهي؟ غلط ۽ درست ڪيئن قرار ڏجي؟
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
آبادگارن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پروفيسر عبدالسميع ڀنڀرو
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
اسٽيل ٽائون پوليس جي ڪارروائي، 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ استادن جو 2023 جي آدمشماري جو معاوضو نھ ملڻ خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
فلم اسٽار مصطفيٰ قريشي جي گھرواري
0 تبصرے