پاڪستان جون معيشت کي آئي ايم ايف جو آڪسيجن لڳايو ويو آھي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد جي مياڻي ٻيلي ۾ سنڌياڻي تحريڪ ۽ سنڌي گرلز اسٽوڊنٽس تحريڪ طرفان عيد ملن پارٽي منعقد

پاڪستان جون معيشت کي آئي ايم ايف جو آڪسيجن لڳايو ويو آھي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ پاڪستان جون معيشت کي آئي ايم ايف جو آڪسيجن لڳايو ويو آھي. ڪرپٽ حڪومتي نظام جي ڪري ملي معيشت بھتر نٿي ٿي سگھي. نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون تعليم کي پنھنجو ھٿيار بنائي اڳتي وڌن. ھن اھڙو اظھار حيدرآباد جي مياڻي ٻيلي ۾ سنڌياڻي تحريڪ ۽ سنڌي گرلز اسٽوڊنٽس تحريڪ طرفان عيد ملن پارٽي جي موقعي تي ڳالھائيندي ڪيو. ان موقعي تي زينت سمون، نصرت خاصخيلي، ھزار ناز ڪنراڻي فرحانہ سولنگي، صبا سمون، بختاور چنڊ، قومي عوامي تحريڪ جو روشن ڪنراڻي، الطاف خاصخيلي، ارسلا بھلڪاڻي، آغا عباس ۽ ٻيا اڳواڻ موجود ھئا. اياز لطيف پليجي وڌيڪ چيو تہ پاڪستان خاص طور تي سنڌ جي نوجوان جي ترقي وفاق توڙي سنڌ جي حڪمرانن جي ايجنڊا ۾ ئي ناھي. دنيا آرٽيفشل انٽيليجنس، ربوٽڪ سائنس ۽ ٻي سائنسي ترقي جي ڪري تيز رفتاري سان اڳتي وڌي رھي آھي ۽ سنڌ ۾ انڪم سپورٽ جي نالي ۾ عورتن کي فقير بنائي انھن جي توھين ۽ تذليل ڪئي پئي وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ عورتن کي برابري ۽ تعليم سان اسين غربت، انتھاپسندي ۽ انسان دشمن روايتن کي شڪست ڏئي سگھون ٿا. سنڌ جا ماڻھو پنھنجي نياڻين کي لازمي تعليم ڏين. اسين بيدار ۽ باشعور سنڌ چاھيون ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جا تعليم يافتہ ۽ ھنرمند نوجوان حڪومتي وڏيرن جي بنگلن بندران ٻاھرين ملڪن ڏانھن وڃن. اعلي تعليم ۽ روزگار جا ذريعا انھن جي آجيان ڪندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي سنڌ جي ترقي ۽ تعليم ۾ رڪاوٽ آھي. رڪاوٽون ختم ڪري اسان کي اڳتي وڌڻو آھي.