English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌي ادبي سنگت ملير جي گڏجاڻي عاصم عبدالمجيد ابڙو جي صدارت هيٺ ٿي گذري
187 views
|
18th May 2026
•
سنڌي خبرون
تنقيدي اصلاحي ڪلاس هلائڻ سان نوجوانن کي سکڻ جو موقعو ملي ٿو. عاصم عبدالمجيد ابڙو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي خوبصورت شاعر عاصم عبدالمجيد ابڙو جي صدارت هيٺ عمر مارئي ڳوٺ، قائدآباد ۾ شاخ جي جوائنٽ سيڪريٽري امرتا ڏاهري جي ميزبانيءَ ۾ منعقد ٿي. گڏجاڻي ۾ سيڪريٽري مجيب سنڌي، غفور شاھ تقوي، سڪندر سرواڻ، قمبر ٻٽ، اصغر مهرائي، مختيار مگسي، مظهر حسين وريائي، عاصم عبدالمجيد ابڙو ۽ امرتا ڏاهري پنهنجي نڪور شاعري پيش ڪئي. گڏجاڻي ۾ پيش ڪيل شاعري تي ڳالهائيندي نامياري ليکڪ ۽ صحافي سامي ميمڻ چيو ته سنڌي ادبي سنگت ۾ معياري ۽ نڪور تخليقون پيش ٿيڻ گهرجن، جن ۾ سماجي، اصلاحي ۽ مزاحمتي عنصر شامل هجن. هن زور ڀريو ته سنگت طرفان اهڙا ادبي پروگرام منعقد ڪيا وڃن، جتي مختلف موضوعن تي بحث مباحثا ٿين، جيئن نئين نسل کي به سکڻ ۽ لاڀ حاصل ڪرڻ جو موقعو ملي سگهي. گڏجاڻي ۾ صدارتي راءِ ڏيندي عاصم عبدالمجيد ابڙو چيو ته ملير شاخ ۾ تمام سٺا ۽ سينئر تخليقڪار شامل آهن ۽ شاخ مسلسل بهتر ادبي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته گڏجاڻين ۾ تنقيدي ۽ اصلاحي ڪلاس هلائڻ سان نوجوانن کي سکڻ جو بهتر موقعو ملي ٿو، ڇاڪاڻ ته تخليقن ۾ تنقيد سان ئي وڌيڪ نکار پيدا ٿيندو آهي. گڏجاڻي ۾ ظهير ڏاهري، عنايت علي شاھ ۽ عبدالواحد بليدي پڻ شرڪت ڪئي، جڏهن ته گڏجاڻي جي ڪارروائي جوائنٽ سيڪريٽري امرتا ڏاهري هلائي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
25th Aug 2026
•
سندھ
اسوہ حسنہ پوری انسانیت کے لیے مشعل راہ ہے، نظام مصطفیٰ ﷺ کی جدوجہد تیز کرنا عشق مصطفیٰ ﷺ کا حقیقی تقاضا ہے، کاشف سعید شیخ
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ميرٽ جو جنازو !!!
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ کي گوانگ ڊانگ، ڪيليفورنيا ۽ ٽيڪساس جهڙو ڪيئن بڻايو وڃي؟
21st Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعليم جي نالي ۾ ملير جي مٽيءَ جو ماتم، ايجوڪيشن سٽي، اجڙندڙ ڳوٺ ۽ خاموش ٿيندڙ آواز
25th Aug 2026
•
سندھ
اسوہ حسنہ پوری انسانیت کے لیے مشعل راہ ہے، نظام مصطفیٰ ﷺ کی جدوجہد تیز کرنا عشق مصطفیٰ ﷺ کا حقیقی تقاضا ہے، کاشف سعید شیخ
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ميرٽ جو جنازو !!!
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ کي گوانگ ڊانگ، ڪيليفورنيا ۽ ٽيڪساس جهڙو ڪيئن بڻايو وڃي؟
21st Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعليم جي نالي ۾ ملير جي مٽيءَ جو ماتم، ايجوڪيشن سٽي، اجڙندڙ ڳوٺ ۽ خاموش ٿيندڙ آواز
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌي ادبي سنگت ملير جي گڏجاڻي عاص
0 تبصرے