سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ پاران پبلڪ اسڪول جي سهڪار سان تقريب منعقد
نوشهرو فيروز(ڊ ر)مورو ۾ سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ پاران يونائيٽيڊ پبلڪ اسڪول جي سهڪار سان اسڪول ۾ معرڪه حق بنيان مرصوص جي ڪاميابي جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پر وقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ استادن والدين شاگردن ۽ شاگردياڻين سياسي سماجي علمي ادبي تنظيمن جي اڳواڻن ڪارڪنن شهرين آفيسرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر مورو محمد مستقيم قريشي، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر نوشهروفيروز نعيم احمد ميمڻ محمد آصف خٽڪ حاجي اقبال احمد ميمڻ، غلام محمد چنا ڊاڪٽر وجهه الدين ميمڻ حاجي نثار احمد ميمڻ ، محمد ياسين جيسر شاگردياڻين ۽ شاگردن خطاب ڪندي چيو ته چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد آصف منير دنيا ۾ پاڪستان جي عزت وقار کي بلند رکيو آهي سڄي دنيا ۾ هن جي ڪري ملڪ ۽ قوم جي ساراهه ٿي رهي آهي گذريل سال جنرل سيد آصف منير جي اڳواڻي ۾ پاڪ فوج هندوستان کي عبرتناڪ شڪست ڏني پنهنجي جرئت ۽ بهادري سان هندوستان جا ڪيترا جهاز ڪيرائي هندوستان کي پوئتي هٽائي ڇڏيو ۽ پاڪستان جي تاريخي فتح ٿي. اڄ اسان ان جي ياد ملهائي فخر محسوس ڪري پاڪ فوج کي سلام پيش ڪريون ٿا هنن چيو ته پاڪ فوج جون جرئت مندانہ صلاحيتون ملڪ ۽ قوم جو ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيو آهي، پاڪ فوج جي ڪري دنيا ۾ هر پاڪستاني جو مان مرتبو عروج تي آهي هن تقريب ۾ اسڪول جي شاگردن شاگردياڻين پاڪ فوج جي جنگي صلاحيتن جي ڪاميابي جا ٽيبلوز پيش ڪري قومي گيت ڳايا تقريب ۾ آيل مهمانن کي ٽوپي اجرڪ پاريا ويا ۽ قومي ترانو پڙهيو ويو ان موقعي تي پاڪ فوج زنده آباد پاڪستان زنده آباد جا نعرا هنيا ويا آخر ۾ پاڪستان پاڪ فوج ۽ عوام جي لاء دعا گهري وئي.
0 تبصرے