English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌي ادبي سنگت ملير جي نون عهديدارن جي مان ۾ آجياڻو
26 views
|
10th May 2026
•
سنڌي خبرون
عوامي پريس ڪلب ملير ۾ ادبي، صحافتي ۽ سماجي شخصيتن جي ڀرپور شرڪت
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌي ادبي سنگت ملير جي نون چونڊيل عهديدارن، سيڪريٽري مجيب سنڌي سميت سموري ڪابينا جي مان ۾ عوامي پريس ڪلب ملير پاران پريس ڪلب جي بابا اڪبر بلوچ ميموريل هال ۾ آجياڻي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ سياسي، سماجي، ادبي ۽ صحافتي حلقن سان واسطو رکندڙ شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ تقريب ۾ ملير، گلشن حديد، پپري، چوڪنڊي ۽ ٻين علائقن جي ادبي شاخن جي عهديدارن، اديبن، شاعرن ۽ صحافين ڀرپور شرڪت ڪري نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون پيش ڪيون۔ان موقعي تي عوامي پريس ڪلب ملير پاران نون چونڊيل عهديدارن کي گلن جا هار پارايا ويا ۽ سنڌ جي ثقافتي سڃاڻپ طور اجرڪن جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا ان موقعي تي آجياڻي تقريب کي خطاب ڪندي عوامي پريس ڪلب جي عهديدار سامي ميمڻ چيو ته ادب ۽ صحافت سماج جا ٻه اهم شعبا آهن، جيڪي سماجي سجاڳي ۽ شعور جي واڌاري ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿا۔ هن چيو ته سنڌي ادبي سنگت سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت جي واڌاري لاءِ تاريخي خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي، جڏهن ته عوامي پريس ڪلب هميشه ادب دوست سرگرمين جي سرپرستي ڪندو رهندو سماجي اڳواڻ خدا ڏنو شاھ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ملير جي ادبي فضا هميشه سگهاري رهي آهي ۽ هتي جا اديب ۽ شاعر سنڌي ادب جي واڌ ويجهه لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن۔ هن چيو ته نون چونڊيل عهديدارن کان اميد آهي ته اهي ادبي سرگرمين کي وڌيڪ فعال بڻائيندا ۽ نوجوان نسل کي ادب سان جوڙڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪندا نئين چونڊيل سيڪريٽري مجيب سنڌي چيو ته اهڙيون تقريبون ادب، صحافت ۽ سماجي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون۔ هن عوامي پريس ڪلب ملير پاران نون چونڊيل عهديدارن جي مان ۾ آجياڻي تقريب ڪوٺائڻ واري عمل کي ساراهيندي چيو ته اها ادبي حلقن لاءِ هڪ مثبت ۽ همٿ افزا روايت آهي تقريب کي سڪندر سرواڻ ، امرتا ڏاهري ،غفور شاھ تقوي، اصغر مهرائي ، قمبر ٻٽ،ايم زمان ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌي ادبي سنگت ملير جي نون عهديدارن
0 تبصرے