English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ صحافت جي آزاديءَ جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان تقريب منعقد
111 views
|
03rd May 2026
•
سنڌي خبرون
بلاول سمون، محمد عمر سرائي، عبيد جماري، مختيار جان چانڊيو، عدنان سمون ۽ ٻيا تقريب ۾ شريڪ
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)صحافت جي آزاديءَ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سماجي تنظيم پيغام جي سهڪار سان عوامي پريس ڪلب ٺٽو پاران هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ايڇ يو جي يونٽ ٺٽو جي صدر شبير ڀٽي، عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي روحِ روان بلاول سمون سميت محمد عمر سرائي، عبيد جماري، مختيار جان چانڊيو، عدنان سمون، ڪامريڊ زاهد جوکيو، راجا شريف ميمڻ، زاهد امير جوکيو، ثناءُ الله سمون، مجتبيٰ بڪيرو، حفيظ چنڊ, مڪيش ديو ۽ ٻين شرڪت ڪئي۔ تقريب کي خطاب ڪندي عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي صدر بلاول سمون چيو ته مقامي کان وٺي عالمي سطح تائين صحافين وڏيون قربانيون ڏنيون آهن۔ صحافي هميشه سماج ۾ لڪل سچ کي سامهون آڻي حقيقتون اجاگر ڪندا رهيا آهن، جنهن سبب ڪيترائي مفاد پرست ۽ ڦورو ٽولا آزاد صحافت خلاف سازشون ڪندا رهن ٿا۔ هن چيو ته ڪيترن ئي صحافين سچ لکڻ جي ڏوهه ۾ پنهنجون حياتيون به قربان ڪيون آهن، جيڪو صحافت جي تاريخ جو روشن باب آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته سماج جا ڪجهه عنصر صحافين خلاف منفي پروپيگنڊا ۽ ڪردار ڪشي ۾ مصروف آهن، جڏهن ته حقيقت ۾ اهي ئي ماڻهو سماج جا ناسور آهن، جيڪي منشيات سميت مختلف غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث آهن ۽ ساڳئي وقت سچ لکندڙ صحافين خلاف مهم هلائين ٿا۔ بلاول سمون چيو ته صحافتي برادري ۾ هڪ ٻيو منفي رجحان به جنم وٺي رهيو آهي، جنهن تحت ڪجهه فرد ٻين صحافين کي “عطائي” قرار ڏئي ويڇا پيدا ڪري رهيا آهن، جيڪو انتهائي افسوسناڪ عمل آهي۔ هن ضلعي جي صحافين کي اپيل ڪئي ته ذاتي اختلاف وساري اتحاد ۽ ٻڌي جو مظاهرو ڪن ته جيئن سچ جي صحافت وڌيڪ مضبوط ٿي سگهي ۽ سماج ۾ مثبت تبديلي اچي سگهي۔ ان موقعي تي ايڇ يو جي يونٽ ٺٽو جي صدر شبير ڀٽي چيو ته صحافت بنيادي طور تي هڪ پيغمبري پيشو آهي، جنهن ۾ صحافي بنا ڪنهن ذاتي مفاد جي پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي سماج جي ڪمزور طبقن جو آواز بڻجن ٿا۔ اهڙن صحافين کي خراج تحسين پيش ڪيو وڃي ٿو۔ تقريب کي محمد عمر سرائي، عبيد جماري، ممتاز سميجو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، جڏهن ته آخر ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ صحافين کي سماجي تنظيم پيغام پاران مڃتا سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويا۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽي ۾ صحافت جي آزاديءَ جي عالمي ڏينهن
0 تبصرے