English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گهگهر ۾ جيئي سنڌ محاذ طرفان امداد زهراڻي جي وڇوڙي تي تعزيتي پروگرام منعقد
229 views
|
26th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
امداد زهراڻي جهڙا مخلص ۽ ڪميٽيڊ ڪارڪن ورلي پيدا ٿيندا آهن: خالق جوڻيجو
ملير (عبدالرشيد مورجھريو) گهگهر ۾ جيئي سنڌ محاذ طرفان سينيئر قومي ڪارڪن ۽ مرڪزي اڳواڻ امداد زهراڻي جي وڇوڙي تي تعزيتي پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ پارٽي اڳواڻن، ڪارڪنن، علائقي واسين ۽ مرحوم جي وارثن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تقريب ۾ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين خالق جوڻيجو، جنرل سيڪريٽري امداد چاچڙ، خالد جوڻيجو، محمد مٺل، شبير حسين چاچڙ، محمد اسماعيل سومرو، عورت اڳواڻ سلما جوڻيجو، اعظم زھراڻي، مرحوم جي فرزندن رسول بخش، غلام مرتضيٰ، علي نواز، عامر زهراڻي سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي ان موقعي تي خطاب ڪندي خالق جوڻيجو چيو ته امداد زهراڻي جهڙا مخلص ۽ ڪميٽيڊ ڪارڪن ورلي پيدا ٿيندا آهن، هن هميشه تنظيم ۽ ان جي مقصدن کي اوليت ڏني ۽ ڪڏهن به تنظيمي فيصلن کان انحراف نه ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته مرحوم انتهائي سادي، ٻاجهاري ۽ مهمان نواز طبيعت جو مالڪ هو، جنهن جي سوچ ۽ عمل ۾ هڪجهڙائي هئي. هن پنهنجي گهر ۾ به ڄڻ ته هڪ ننڍڙو تنظيمي يونٽ قائم ڪري رکيو هو، ڇاڪاڻ ته کيس يقين هو ته سماجي مسئلن جو حل سياست ذريعي ئي ممڪن آهي. خالق جوڻيجو چيو ته سنڌ هن وقت ڏکين حالتن مان گذري رهي آهي، سڃاڻپ، وسيلا ۽ ڌرتي کي سنگين چيلينجز درپيش آهن، اهڙي دور ۾ امداد زهراڻي جهڙن ڪارڪنن جي وڌيڪ ضرورت آهي. هن چيو ته مرحوم پورهيت طبقي سان واسطو رکندي به سياست ۽ ادب تي گهري نظر رکندو هو ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري جي بهترين تشريح ڪندو هو. تقريب ۾ اڳواڻن چيو ته امداد زهراڻي جو وڇوڙو هڪ وڏو نقصان آهي، جنهن سان تنظيم ۾ خال پيدا ٿيو آهي، جنهن جو پورائو ڏکيو آهي. هنن چيو ته سچي قومي ڪارڪن جي سڃاڻپ اها هوندي آهي ته هو ذاتي مفادن تي قومي مفاد کي ترجيح ڏئي، ۽ اها خوبي مرحوم ۾ نمايان هئي. هنن چيو ته سنڌ جي آجپي جي جدوجهد ۾ جيتري تائين عورتون حصو نٿيون ڳنڍين اوتري تائين نتيجا حاصل نه ڪري سگهبا، پروگرام ۾ امداد زهراڻي جي خدمتن کي ڀرپور لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
27th Jul 2026
•
پاکستان
اوورسیز پاکستانی ملکی معیشت کو مستحکم بنانے میں کلیدی کردار ادا کر رہے ہیں: ڈاکٹر پرویز اقبال لوہسر
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
27th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ريجنل پاسپورٽ آفيس ۾ ايف آءِ اي جو وڏو ڪريڪ ڊائون، ڪرپشن نيٽ ورڪ بي نقاب، 7 جوابدار گرفتار
27th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ پاڻي ۽ بجلي جو بدترين بحران، سوين رهواسي رستن تي نڪري آيا، ميمڻ ڳوٺ روڊ ۽ قومي شاهراهه تي ڌرڻا
27th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ڪينجھر ڍنڍ تي گھمڻ لاءِ آيل نينگر ٻڏڻ بعد اسپتال نيئندي رستي ۾ فوت
27th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سانوڻيءَ جي موسم ۾ شجرڪاري مهم جي شروعات
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
تقريب ۾ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين خالق جوڻيجو، امداد چاچڙ، خالد جوڻيجو، محمد مٺل ۽ ٻيا شريڪ
0 تبصرے