English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ميمڻ ڳوٺ جي اسپتال ۾ ويم دوران ماءُ ٻار سميت فوت، وارثن جو احتجاج
127 views
|
08th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ڊاڪٽرن ۽ عملي جي غفلت سبب گهرواري ۽ ٻار فوت ٿي ويا: سجاد خاصخيلي
شهناز خاصخيلي ۽ سندس نئين ڄاول پٽ فوت ٿي ويا هئا. وارثن الزام هنيو آهي ته اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي جي مبينا غفلت، غير ذميواراڻي روئي ۽ وقت سر مناسب علاج نه ٿيڻ سبب ماءُ ۽ ٻار پنهنجي حياتي وڃائي ويٺا فوتي عورت جي مڙس سجاد خاصخيلي ٻڌايو ته هن انصاف جي حصول لاءِ ميمن ڳوٺ ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سندس چوڻ موجب شروعات ۾ پوليس ڪيس داخل نه ڪيو، جنهن تي وارثن، عزيزن، مائٽن ۽ علائقي جي رهواسين ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو مظاهرين مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ڪرائي وڃي ۽ جيڪڏهن ڊاڪٽرن يا اسپتال جي عملي جي غفلت ثابت ٿئي ته ذميوارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، جيئن مستقبل ۾ اهڙن افسوسناڪ واقعن جي روڪٿام ٿي سگهي. ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ احتجاج ۽ ڳالهين کانپوءِ پوليس متوفيه جي مڙس سجاد خاصخيلي جي فرياد تي اسپتال جي عورت ڊاڪٽر ۽ لاڳاپيل عملي خلاف ڪيس داخل ڪيو، جنهن بعد مظاهرين پنهنجو ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو پوليس موجب واقعي جي مختلف رخن کان جاچ جاري آهي. طبي ثبوتن، اسپتال جي رڪارڊ ۽ ٻين لاڳاپيل رپورٽن جي بنياد تي وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. پوليس جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن طبي غفلت يا ڪنهن به قسم جي لاپرواهي ثابت ٿي ته قانون موجب ذميوار ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
25th Aug 2026
•
سندھ
اسوہ حسنہ پوری انسانیت کے لیے مشعل راہ ہے، نظام مصطفیٰ ﷺ کی جدوجہد تیز کرنا عشق مصطفیٰ ﷺ کا حقیقی تقاضا ہے، کاشف سعید شیخ
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ميرٽ جو جنازو !!!
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ کي گوانگ ڊانگ، ڪيليفورنيا ۽ ٽيڪساس جهڙو ڪيئن بڻايو وڃي؟
21st Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعليم جي نالي ۾ ملير جي مٽيءَ جو ماتم، ايجوڪيشن سٽي، اجڙندڙ ڳوٺ ۽ خاموش ٿيندڙ آواز
25th Aug 2026
•
سندھ
اسوہ حسنہ پوری انسانیت کے لیے مشعل راہ ہے، نظام مصطفیٰ ﷺ کی جدوجہد تیز کرنا عشق مصطفیٰ ﷺ کا حقیقی تقاضا ہے، کاشف سعید شیخ
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ميرٽ جو جنازو !!!
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ کي گوانگ ڊانگ، ڪيليفورنيا ۽ ٽيڪساس جهڙو ڪيئن بڻايو وڃي؟
21st Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعليم جي نالي ۾ ملير جي مٽيءَ جو ماتم، ايجوڪيشن سٽي، اجڙندڙ ڳوٺ ۽ خاموش ٿيندڙ آواز
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ميمڻ ڳوٺ جي اسپتال ۾ ويم دوران ماءُ ٻار
0 تبصرے