English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ اي ڊي سي (ون) محمد مستقيم قريشي جي صدارت هيٺ اجلاس
79 views
|
08th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
اجلاس ۾ مون سون جي امڪاني برساتن ۽ ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان غور ويچار
نوشهروفيروز (ڊ ر) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر (ون) نوشهروفيروز محمد مستقيم قريشي جي صدارت هيٺ هڪ اهم اڳواٽ انتظامي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ 2026 جي مون سون جي متوقع برساتن ۽ ممڪن ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مقامي حڪومتي ادارن، صحت، پوليس، زراعت، آبپاشي، اسڪارپ، تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي ته جيئن برسات دوران هنگامي صورتحال کي بروقت منهن ڏئي سگهجي. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر محمد مستقيم قريشي ميونسپل ڪميٽين ۽ ٽائون آفيسرن کي سختي سان هدايت ڪئي ته ضلعي جي سڀني ننڍن ۽ وڏن برساتي نالن ۽ سيوريج لائينن جي صفائي جو ڪم هنگامي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن برساتي پاڻي جي فوري نيڪال ممڪن ٿي سگهي. هن آبپاشي کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته واهن، دريائن ۽ حفاظتي بندن تي سخت نظر رکن ۽ ڪنهن به ممڪن ٽٽڻ کي روڪڻ لاءِ ريتي جون ٿيلهيون ۽ ضروري مشينري اڳواٽ تيار رکن. هن صحت کاتي کي الرٽ رهڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته برسات جي موسم ۾ پکڙجندڙ بيمارين لاءِ دوائون، نانگ جي چڪ جي خلاف ويڪسين ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي ضلعي جي سڀني سرڪاري اسپتالن ۽ بنيادي صحت مرڪزن (BHUs) ۾ 24 ڪلاڪ يقيني بڻايو وڃي. هن ڊپٽي ڪمشنر آفيس سميت سڀني تعلقي هيڊ ڪوارٽرز ۾ مون سون ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته جيئن ڪنهن به هنگامي شڪايت تي فوري ڪارروائي ڪري سگهجي. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر چيو ته برسات ۽ ممڪن ٻوڏ جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ سڀني کاتن کي الرٽ رهڻو پوندو ۽ ڪنهن به قسم جي غفلت يا لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي ته جيئن شهري محفوظ رهي سگهن. هن لائيو اسٽاڪ کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ننڍن ۽ وڏن جانورن جي ويڪسينيشن لاءِ انتظام مڪمل ڪن ۽ امڪاني برسات ۽ ٻوڏ جي صورتحال لاءِ پنهنجو هنگامي پلان تيار ڪن. هن اسڪارپ آبپاشي کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجا پمپنگ اسٽيشن فعال رکن ۽ برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ متبادل انتظام مڪمل ڪن. هن سماجي ڀلائي کاتي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر نعيم احمد ميمڻ کي هدايت ڪئي ته ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ سماجي ڀلائي تنظيمن سان رابطي ۾ رهن ۽ انهن جي افرادي قوت ۽ ٻي مشينري جي فهرست تيار رکن ته جيئن ضرورت جي وقت انهن جي مدد حاصل ڪري سگهجي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کے خلاف بڑی کارروائی کا امکان، امریکا نے مشرقِ وسطیٰ میں خصوصی فوجی دستوں کی تعیناتی شروع کر دی
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
گجو ويجهو پاڻي ڀرڻ ويندڙ عورت روڊ حادثي ۾ فوت، قومي شاهراهه تي 4 ڪلاڪ ڌرڻو
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ جي رڻ واري علائقي ۾ هڪ ٻار برساتي پاڻي ۾ ٻُڏي فوت، ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ اي ڊي سي ون جي صدارت ھيٺ اجلاس
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سنڌو درياهه تي ڌاڙي خلاف پيپلز پارٽي جي ريلي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز ۾ اي ڊي سي (ون) محمد مستقيم قريشي
0 تبصرے