English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مڪلي سول اسپتال جي بجلي بند، مريضن جي شڪايتن جو ڊي سي ٺٽو نوٽيس ورتو
127 views
|
07th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي سرمد علي ڀاڳت ٽيم سان گڏ اسپتال پهچي بجلي بحال ڪرائي ڇڏي
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت سول اسپتال مڪلي ۾ بجلي جي بريڪ ڊائون ۽ جنريٽر غيرفعال ٿيڻ سبب ايمرجنسي خدمتن جي متاثر ٿيڻ بابت شڪايتن جو فوري ۽ سخت نوٽيس وٺندي پنهنجي ٽيم سان گڏ اسپتال جو اوچتو دورو ڪيو.هن موقعي تي پهچي لاڳاپيل عملي جي سهڪار سان بجلي جي فراهمي فوري طور بحال ڪرائي ۽ اسپتال انتظاميه کي هدايت ڪئي ته مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچڻ لاءِ مؤثر متبادل انتظام يقيني بڻايا وڃن.ڊپٽي ڪمشنر اسپتال جي مختلف شعبن جو تفصيلي معائنو ڪيو ، ڊاڪٽرن ۽ ٻين طبي عملي جي حاضري چيڪ ڪئي ، مريضن سان ملاقات ڪري کين فراهم ڪيل طبي سهولتن بابت ڄاڻ ورتي ۽ مجموعي صورتحال جو جائزو ورتو.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سرمد علي ڀاڳت چيو ته اسپتال ۾ بجلي جي عدم فراهمي سڌو سنئون مريضن جي جانين لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿي، تنهنڪري هن معاملي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت يا لاپرواهي هرگز برداشت نه ڪئي ويندي.هن چيو ته اسپتال ۾ بجلي ، جنريٽر ۽ ٻين انتظامي معاملن بابت مليل شڪايتن جو تفصيلي جائزو ورتو پيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ هڪ جامع رپورٽ تيار ڪري صحت کاتي جي اعليٰ اختيارين ڏانهن اماڻي ويندي.هن سول سرجن، ڊاڪٽرن ۽ مرف انتظاميه کي هدايت ڪئي ته نظم ۽ ضبط ، عملي جي حاضري ۽ عوام کي معياري طبي سهولتن جي فراهمي هر صورت ۾ يقيني بڻائي وڃي.ڊپٽي ڪمشنر واضح ڪيو ته سول اسپتال سميت ضلعي جي سمورن سرڪاري ادارن جا اوچتا دورا باقاعدي جاري رهندا. هن چيو ته هو پاڻ به ذاتي طور نگراني ڪندو ۽ هڪ هفتي کانپوءِ ٻيهر اسپتال جو دورو ڪري مسئلن جي حل ۽ جاري ڪيل هدايتن تي عملدرآمد جو جائزو وٺندو.هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ضلعي انتظاميه عوام کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي رهندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
25th Aug 2026
•
سندھ
اسوہ حسنہ پوری انسانیت کے لیے مشعل راہ ہے، نظام مصطفیٰ ﷺ کی جدوجہد تیز کرنا عشق مصطفیٰ ﷺ کا حقیقی تقاضا ہے، کاشف سعید شیخ
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ميرٽ جو جنازو !!!
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ کي گوانگ ڊانگ، ڪيليفورنيا ۽ ٽيڪساس جهڙو ڪيئن بڻايو وڃي؟
21st Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعليم جي نالي ۾ ملير جي مٽيءَ جو ماتم، ايجوڪيشن سٽي، اجڙندڙ ڳوٺ ۽ خاموش ٿيندڙ آواز
25th Aug 2026
•
سندھ
اسوہ حسنہ پوری انسانیت کے لیے مشعل راہ ہے، نظام مصطفیٰ ﷺ کی جدوجہد تیز کرنا عشق مصطفیٰ ﷺ کا حقیقی تقاضا ہے، کاشف سعید شیخ
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ميرٽ جو جنازو !!!
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ کي گوانگ ڊانگ، ڪيليفورنيا ۽ ٽيڪساس جهڙو ڪيئن بڻايو وڃي؟
21st Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعليم جي نالي ۾ ملير جي مٽيءَ جو ماتم، ايجوڪيشن سٽي، اجڙندڙ ڳوٺ ۽ خاموش ٿيندڙ آواز
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊي سي ٺٽو پاران سول اسپتال مڪلي ۾ بجلي
0 تبصرے