ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ايس ڪي هيومن رائٽس جي چيئرمين شجاعت رسول ڪورائي ۽ صدر عائشه جوڻيجو طرفان ميمن ڳوٺ جي بن عبدالله سوسائٽي ۾ مستحق معذور ماڻهن ۾ مفت ويل چيئرز ورهايون ويون ان موقعي تي منعقد ڪيل تقريب ۾ علائقي جي رهواسين، سماجي شخصيتن ۽ وڏي تعداد ۾ مستحق ماڻهن شرڪت ڪئي تقريب کي خطاب ڪندي چيئرمين شجاعت رسول ڪورائي چيو ته معذور ماڻهو معاشري جو اهم حصو آهن ۽ انهن جي سهولت، عزت نفس ۽ بهتر زندگي لاءِ گڏيل ڪوششون وقت جي اهم ضرورت آهي هن چيو ته ايس ڪي هيومن رائٽس هميشه انسانيت جي خدمت کي پنهنجو اولين فرض سمجهي ٿي صدر عائشه جوڻيجو پنهنجي خطاب ۾ چيو ته تنظيم جو بنيادي مقصد معاشري جي ضرورتمند طبقن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي، جيئن هو باعزت، بااختيار ۽ خودمختيار زندگي گذاري سگهن هن چيو ته مستحق ماڻهن جي خدمت جو هي سلسلو مستقبل ۾ به جاري رکيو ويندو تقريب جي پڄاڻيءَ تي ويل چيئرز حاصل ڪندڙ مستحق ماڻهن ايس ڪي هيومن رائٽس جي ٽيم جا ٿورا مڃيا ۽ تنظيم جي ان انسان دوست قدم کي ساراهيندي چيو ته اهڙيون فلاحي سرگرميون معاشري ۾ اميد ۽ همدردي جو پيغام آهن
0 تبصرے