عمرڪوٽ ۾ رٽائرڊ ٿيندڙ پروفيسر ٽيڪم داس هرچنداڻي جي مان ۾ الوداعي تقريب

تقريب ۾ وائيس چيئرمين ضلعي ڪائونسل ۽ فوڪل پرسن براء تعليم ميان خالد ولھاري به شريڪ

عمرڪوٽ ۾ رٽائرڊ ٿيندڙ پروفيسر ٽيڪم داس هرچنداڻي جي مان ۾ الوداعي تقريب

عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر)پروفيسر ٽيڪم داس هرچنداڻي جي رٽائرمينٽ جي موقعي گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج عمرڪوٽ ۾ پروقار الوداعي تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب ۾ مهمان خاص وائيس چيئرمين ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ و فوڪل پرسن براء تعليم عمرڪوٽ ميان خالد ولھاري شرڪت ڪئي، پروگرام ۾ وائيس چيئرمين ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ و فوڪل پرسن براء تعليم عمرڪوٽ ميان خالد ولھاري، ڊائريڪٽر اسڪول ميرپورخاص فقير محمد خاصخيلي، ڊائريڪٽر ٽيچرز ٽريننگ عنايت الله شيخ، اڳوڻي ڊائريڪٽرSTEDA محمد ھارون لغاري، ڊي اي او عمرڪوٽ مير حسن آريسر، ڊي اي او ٿرپارڪر شمس الدين راٺوڙ، اسسٽنٽ پروفيسر محمد وسيم مغل،ناليوارو ليک ۽ محقق محمد ادريس جتوئي، اڳوڻو ڊاڪٽر پيارو خان سھارڻ، پروفيسر ولي محمد منڱريو، بوائيز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ جو پرنسپال عبدالرئوف سومرو، اڳوڻو ڊي اي او قاسم ڪنڀر، بلاول ڀٽي، رامچند اوڏ، دوارڪو مل، ڊائريڪٽر پرائيوٽ اسڪول ميرپورخاص خان محمد شاھ، آپا رضيہ شاھ ٽي اي او ميرپورخاص، ڊاڪٽر شيلا ديوي، سي ايم او ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ محمد شريف ناريجو، ايڊووڪيٽ اظهر آرائين، ايڊووڪيٽ ڀويش کتري، جھامن داس، محمد بخش کوسو،محمد زمان کوسو ، پرنسپال ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد پروفيسر عبدالواحد سمون، پرنسپال گورنمينٽ ھايئر سيڪنڊري اسڪول ون دليپ ڪمار مالھي، ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪامران نواز ميمڻ، پروفيسر علي عمران سمون، پروفيسر سرور الدين جمالي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سومار کوسو، ڊپٽي ڊائريڪٽر فاروق گبول، ڊپٽي ڊائريڪٽر سيد حسين شاه، پروفيسر آزاد نارائڻ داس مالھي ، منٺار آريسر، زوار نعيم بنگلاڻي، تلسي هرچنداڻي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن سامي فائونڊيشن جي چيف پيٽرن غلام مصطفي کوسو، ھينڊز جي منصور ميمڻ، اويئر جي اڪبر سميجو، عبدالله کوسو، ڊي اي اوز، ٽي اي اوز پروفيسرن، استادن، شاگردن، صحافين سميت شھرين بہ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چيئرمين ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ ميان خالد ولھاري چيو تہ تعليم لاءِ صوبائي وزير سيد سردار علي شاھ خصوصي خدمتون آھن، پروفيسر ٽيڪم داس هرچنداڻي ۽ سائين مرحوم سيد حاجي علي مردان شاھ جي گڏيل جدوجهد سان ھن ايليمينٽري ڪاليج جي تعمير عمل ۾ آئي، ھن چيو تہ مائٽ ٻارن کي زمين تي آڻن ٿا پر استاد ٻارن کي زمين کان آسمان تائين پھچائن ٿا، ھن چيو تہ پروفيسر ٽيڪم داس هرچنداڻي ھن ايليمينٽري ڪاليج جو ايڊمنسٽريٽر نہ آهي پر بنياد رکڻ جو اعزاز حاصل آهي. ڊائريڪٽر عنايت الله شيخ چيو تہ ٽيڪم داس هڪ وفادار ۽ محنتي آفيسر آهي، اسان 1994 کان گڏجي تعليم کاتي ۾ ڪم ڪريون پيا. سندن رويو مثبت رهيو آهي. اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل ڪاليج ايجوڪيشن سنڌ ميرچند اوڏ چيو تہ ھر ملازم جي اھا خواھش ھوندي آھي تہ ھو پنھنجي رٽائرمينٽ خوش اصلوبي سان ٿيئي ۽ سائين ٽيڪم داس هرچنداڻي جي اھا خواھش رھي آھي تہ ھتان سٺا شاگرد ۽ انھن کي بھتر ماحول ڏنو وڃي. ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن ميرپورخاص فقير محمد خاصخيلي چيو تہ پروفيسر ٽيڪم داس هرچنداڻي ھميشہ ايمانداري ۽ ديانتداري سان تعليم لاءِ ڪوششون ڪيون جن جو ثبوت ھتي شاگردن توڙي استادن جي شرڪت آهي. ڊي اي او پرائمري سيڪنڊري عمرڪوٽ مير حسن آريسر چيو تہ پروفيسر ٽيڪم داس هرچنداڻي جو تعليمي سفر انتھائي ڪامياب رھو ۽ اسان دعاڳو آهيون تہ ھميشہ ائين ڪاميابيون ماڻي. ڊسٽرڪٽ مئنيجر سي ايس ايس پي مير حسن آريسر چيو تہ پروفيسر ٽيڪم داس هرچنداڻي نہ صرف تعليمي ميدان ۾ پنھنجو پاڻ ملھايو آھي پر سماجي ذميواريون احسن طريقي سان نڀايون. سندس رٽائرمينٽ جي موقعي اعزازي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنو ويو. ان موقعي تي سول سوسائٽي ايڪٽوسٽ بنسي مالهي، ڊاڪٽر اشوڪ راجپوت، ادريس جتوئي، پيارو خان سھارڻ، ۽ پروفيسر عبدالروف سومرو پڻ ٽيڪم داس هرچنداڻي جي تعليمي سماجي خدمتن تي روشني وڌي