حڪمرانن وسيلن سان مالامال سنڌ کي موت گھر بڻائي ڇڏيو آھي: اياز لطيف پليجو

تيل، گئس، ڪوئلو، بندرگاھون، زراعت ۽ ٻيا قدرتي وسيلا مال غنيمت ڪري لٽيا پيا وڃن

حڪمرانن وسيلن سان مالامال سنڌ کي موت گھر بڻائي ڇڏيو آھي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ حڪمرانن سنڌ کي موت گھر بنائي ڇڏيو آھي۔ تيل، گئس، ڪوئلو، بندرگاھون، زراعت ۽ ٻيا قدرتي وسيلا مال غنيمت ڪري لٽيا پيا وڃن۔ نوڪريون ميريٽ تي ڏيڻ بدران نيلام ڪيون وڃن ٿيون۔ سفارش جي ڪلچر ميريٽ کي تباھ ڪيو آھي. وسيلن سان مالا مال سنڌ جا ماڻھو بک مري رھيا آھن. ھن اھڙو اظھار ڪلائيميٽ چينج بابر سماجي تنظيم اسڪين جي ھڪ سيمينار ۾ خطاب ڪندي ڪيو. سيمينار کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي وڌيڪ چيو تہ سمنڊ ۾ طوفان اچڻ کانپوءِ 5/6 ڏينھن ايڪٽوٽي ٿين ٿيون. قدرتي مصيبتن کان بچائڻ ۽ نقصان گھٽائڻ لاءِ ڪو عملي ڪم نٿو ٿئي. جيڪڏھن سامونڊي طوفان اچي ھا تہ اھو مقامي ايم اين اي، اين پي اي، وڏيرن ۽ اين جي اوز جي ڪمائي جو ذريعو بنجي وڃي ھا. جيئن ٻوڏ متاثرن جي واھر نہ ٿي ۽ آھي اڄ بہ دربدر آھن، ائين سامونڊي طوفان جا متاثر بہ دربدر ٿي وڃن ھا. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪلائيميٽ چينج عوام سان جڙيل اھم معاملو آھي پر حڪمران ان کان لاتعلق آھن. اسان سڀني کي ان لاءِ ذميوار بڻجڻو پوندو. سنڌي ماڻھو وڏي خطري ۾ آھن. پاڪستان فالٽ لائين تي آھي. قدرتي آفتن جي نشاني تي آھيون. دنيا جون وڏيون طاقتون نيچر سان ظلم ڪري رھيون آھن. انھن جي ڪري ماحول ۾ گدلاڻ ۽ تباھي آھي. چين، آمريڪا، ھندستان ۽ ڀيا ملڪ ماحول کي نقصان ڏئي رھيا آھن. ٻھراڙي جي ماڻھن کي ماحول دوست بڻجڻ لاءِ چيو وڃي پيو پر پاڻي ۽ انرجي جو ذيان شھرن جا ماڻھو ڪن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪرڻ سبب غربت وڌي آھي۔ ھاري ۽ آبادگار کان وٺي مزدور تائين لکين عوام بدحالي جو شڪار ٿيو آھي۔ سنڌ ۾ ترقي ۽ خوشحالي جون ڪوڙيون دعوائون ڪندڙ حڪمران پنھنجي ڪارڪردگي جي تصوير پنهنجي دور جي آئيني ۾ ڏسن جنھن ۾ سنڌ جا ماڻھو بک، بدحالي ۽ بيروزگاري کان تنگ ٿي زندگين جا ڏيئا اجھائي رھيا آھن۔ سنڌ ۾ ماڻھو حڪمرانن جي بي حسي ۽ ڪرپشن جي ڪري آپگھات ڪري رھيا آھن۔ عوام جي حقن تي ڌاڙا ھنيا پيا وڃن۔ مزدور، ھاري ۽ غريب عوام کي ٻن ويلن جي ماني کان محروم ڪيو ويو آھي۔