English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ سيپڪو جي آفيسرن ۽ ملازمن خلاف شهرين جو احتجاج
138 views
|
23rd Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ڪنڊا سسٽم ذريعي هر مهيني لکين رپين جي بجلي چوري ڪئي پئي وڃي: شهري
نوشھرو فيروز (ڊ ر)نوشھرو فيروز ۾ شهريَن ۽ بجلي صارفين پاران سيپڪو جي ڪجهه آفيسرن ۽ ملازمن خلاف مبينا بجلي چوري، ڪنڊا سسٽم، جعلي ڊي فٽنگ، ٽرانسفارمر سڙڻ ۽ صارفين کي بجلي کان محروم رکڻ خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وفاقي حڪومت ۽ سيپڪو چيف کان فوري ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي۔ مظاهرين الزام هنيو ته سيپڪو انجنيئر ارشاد سيال، ايس ڊي او اسد ميمڻ، لائين سپرنٽنڊنٽ جڙيل ڊيٿو، لائين مين لياقت مري ۽ وزير کوسا جي سرپرستي هيٺ ڪنڊا سسٽم ذريعي هر مهيني لکين رپين جي بجلي چوري ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته باقاعدي بل ادا ڪندڙ صارفين سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن احتجاج ڪندڙن موجب نوشھرو فيروز شهر ۾ گرڊ کان ٻاهر جعلي ڊي فٽنگ ذريعي بجلي بند ڪرڻ معمول بڻجي ويو آهي، جنهن سبب شهرين کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ۽ ڪن علائقن ۾ ڪيترن ئي ڏينهن تائين بجلي کان محروم رکيو وڃي ٿو۔ هنن ٻڌايو ته ريلوي اسٽيشن ڪالوني ۾ 200 وولٽيج واري ٽرانسفارمر جا ٻه فيز ٻيهر سڙي ويا آهن، پر ان باوجود مسئلي جي حل لاءِ ڪو به اثرائتو قدم نه کنيو پيو وڃي۔ شهرين شڪيل احمد راڄپر، راحيل احمد، قلندر بخش، مختيار احمد ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ذوالحج ۽ محرم الحرام دوران به ٽرانسفارمر سڙڻ جو سلسلو جاري رکيو ويو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته صارفين جا مسئلا حل ڪرڻ بدران کين وڌيڪ پريشان ڪيو پيو وڃي۔هنن وڌيڪ چيو ته ڳوٺ منگو ۾ پڻ پورو مهينو ريلوي ڪالوني وانگر بجلي بند رهي، پر ان جي باوجود في ميٽر صارفين کي هڪ مهيني جا 80 هزار رپين تائين بل موڪليا ويا ۽ گذريل مهيني جي ريڊنگ پوري ڪري اضافي بار وڌو ويو، جيڪو سراسر زيادتي آهي۔ مظاهرين جو چوڻ هو ته ڪنڊا سسٽم ۽ بجلي چوري سبب قومي خزاني کي هر مهيني لکين رپين جو نقصان پهچي رهيو آهي، پر لاڳاپيل آفيسرن خلاف ڪا به ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي۔ هنن وفاقي حڪومت، سيپڪو چيف ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو ته مبينا بجلي مافيا ۽ ڪرپٽ آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ٽرانسفارمر فوري طور تبديل ڪيا وڃن ۽ شهرين کي وقت سر بجلي فراهم ڪري انصاف ڪيو وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
25th Aug 2026
•
سندھ
اسوہ حسنہ پوری انسانیت کے لیے مشعل راہ ہے، نظام مصطفیٰ ﷺ کی جدوجہد تیز کرنا عشق مصطفیٰ ﷺ کا حقیقی تقاضا ہے، کاشف سعید شیخ
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ميرٽ جو جنازو !!!
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ کي گوانگ ڊانگ، ڪيليفورنيا ۽ ٽيڪساس جهڙو ڪيئن بڻايو وڃي؟
21st Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعليم جي نالي ۾ ملير جي مٽيءَ جو ماتم، ايجوڪيشن سٽي، اجڙندڙ ڳوٺ ۽ خاموش ٿيندڙ آواز
25th Aug 2026
•
سندھ
اسوہ حسنہ پوری انسانیت کے لیے مشعل راہ ہے، نظام مصطفیٰ ﷺ کی جدوجہد تیز کرنا عشق مصطفیٰ ﷺ کا حقیقی تقاضا ہے، کاشف سعید شیخ
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ميرٽ جو جنازو !!!
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ کي گوانگ ڊانگ، ڪيليفورنيا ۽ ٽيڪساس جهڙو ڪيئن بڻايو وڃي؟
21st Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعليم جي نالي ۾ ملير جي مٽيءَ جو ماتم، ايجوڪيشن سٽي، اجڙندڙ ڳوٺ ۽ خاموش ٿيندڙ آواز
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز ۾ سيپڪو جي آفيسرن
0 تبصرے