English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ روحل واءِ واسي پورهيت جو گهرڀاتين سميت احتجاجي مظاهرو
110 views
|
18th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ننهن نصيران ڌيءَ وانگر آهي، ان ۽ ان جي مڙس پاران بدسلوڪي ۽ ڌمڪين وارن الزامن کي رد ڪريان ٿو
عمرڪوٽ (ڊ، ر) عمرڪوٽ جي علائقي روحل واء جي رهواسي شهمير بجير پريس ڪلب عمرڪوٽ پهچي صحافين سان ڳالهائيندي پنهنجي مٿان لڳايل الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته مٿس لڳايل سمورا الزام بي بنياد ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهن، جن جو حقيقت سان ڪو به تعلق ناهي، شهمير بجير چيو ته هن پنهنجي پٽ جمشير بجير سان ذاتي معاملن ۽ غلط صحبت سبب 10 نومبر 2025 تي لاتعلقي ڪئي هئي، هن چيو ته نصيران بجير کي هو پنهنجي ڌيءَ وانگر سمجهي ٿو، پر مٿس ڪوڙا الزام لڳائي کيس ۽ سندس خاندان جي ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته نصيران بجير ۽ سندس مڙس جمشير بجير پاران مٿس مبينا طور بدسلوڪي، ڌمڪين ۽ ٻين الزامن بابت ڳالهيون ڪيون ويون آهن، جن کي هو مڪمل طور رد ڪري ٿو، شهمير بجير جو چوڻ هو ته هنن الزامن ۾ ڪا به سچائي ناهي، هن وڌيڪَ الزام لڳايو ته نصيران جي والدہ ڪريمان سندس پٽ کي ڀڙڪائي ڪوڙا بيان ڏياري رهي آهي ۽ مٿن دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ھن چيو تہ نصيران جي والده ڪريمان پاران سمورو ڊرامو رچائي مبينه طور ڏھ لک رپين جي ڊيمانڊ ڪئي وئي آھي، شهمير بجير ايس ايس پي عمرڪوٽ سهائي عزيز ٽالپر کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ڪرائي حقيقتون سامهون آنديون وڃن ۽ کيس انصاف فراهم ڪيو وڃي، هن چيو ته هو ڪنهن به قانوني جاچ لاءِ تيار آهي ۽ چاهي ٿو ته اصل حقيقتون سامهون اچن ته جيئن غلط فهميون ختم ٿي سگهن، واضح رهي ته ھن کان اڳ نصيران بجير ۽ سندس مڙس جمشير بجير شهمير بجير خلاف الزام لڳائيندي اختيارين کان انصاف جو مطالبو ڪيو هو، جن الزامن کي شهمير بجير رد ڪندي بي بنياد قرار ڏنو آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کے خلاف بڑی کارروائی کا امکان، امریکا نے مشرقِ وسطیٰ میں خصوصی فوجی دستوں کی تعیناتی شروع کر دی
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
لوڻي ڪوٽ ۽ ڀرپاسي جي پورھيتن جو احتجاجي مظاھرو
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ ناري کي مبينا قتل ڪرڻ بعد نوجوان آپگھات ڪري ڇڏيو
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
رزاق آباد ۾ بزرگ شاعر عالم شير گبول جي مانَ ۾ تقريب
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
جھرڪ ۾ ڪوئلي جي رائلٽي ۾ مسلسل واڌ خلاف واپارين ۽ ٽرانسپورٽرن جو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ۾ روحل واءِ واسي پورهيت
0 تبصرے