English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڇهين نيشنل جونيئر گيمز ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ ڪراچي جي رانديگرن جو شاندار استقبال
155 views
|
15th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي ايٿليٽن پڻ وڏي جوش ۽ جذبي سان حصو وٺندي پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پشاور جي قيوم اسٽيڊيم ۾ 7 جون تي منعقد ٿيل ڇهين نيشنل جونيئر گيمز ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکارڻ کانپوءِ سنڌ جي رانديگرن جو ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن پهچڻ تي والهاڻي ۽ ڀرپور استقبال ڪيو ويو تفصيل موجب انهن راندين ۾ ملڪ جي سمورن صوبن مان رانديگرن شرڪت ڪئي، جتي سنڌ جي ايٿليٽن پڻ وڏي جوش ۽ جذبي سان حصو وٺندي پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو ڪراچي جي سامونڊي علائقي ابراهيم حيدري سان تعلق رکندڙ نوجوان رانديگرن شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي 4×100 ميٽر ريس ۾ ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. ڪاميابي ماڻيندڙ رانديگرن ۾ امان الله، اسو بلوچ، مزمل ۽ محمد انس شيخ شامل آهن علائقي ۾ خوشيءَ جي لهر جڏهن ڪامياب رانديگر پنهنجي اباڻي علائقي ابراهيم حيدري پهتا ته علائقي واسين سندن شاندار ۽ تاريخي استقبال ڪيو. ان موقعي تي شهرين چيو ته اسان جي علائقي ۾ راندين جي سهولتن جي کوٽ سميت ڪيترائي مسئلا موجود آهن، پر انهن سمورين مشڪلاتن باوجود جيڪڏهن اسان جا نوجوان بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري ملڪ، علائقي ۽ نوجوانن جي نمائندگي ڪري رهيا آهن ته اها اسان سڀني لاءِ وڏي فخر جي ڳالهه آهي. رانديگرن جو عزم ۽ اختيارين کي اپيل ڪامياب رانديگرن ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته صوبي ۾ انهن راندين لاءِ باقاعده چونڊ مقابلا (ٽرائلز) منعقد ڪيا ويندا آهن، جن ۾ سخت مقابلي کانپوءِ رانديگرن کي اڳتي وڌڻ جو موقعو ملندو آهي. هنن عزم ظاهر ڪيو ته هو وڌيڪ محنت جاري رکندا ته جيئن قومي سطح سان گڏ عالمي مقابلن ۾ پڻ پاڪستان جو نالو روشن ڪري سگهن. ٻئي طرف علائقي واسين لاڳاپيل اختيارين ۽ چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته اهڙن باصلاحيت نوجوانن جي همٿ افزائي ڪئي وڃي، کين بهتر راندين جون سهولتون ۽ سرڪاري سطح تي سهڪار فراهم ڪيو وڃي، ته جيئن هو مستقبل ۾ ملڪ ۽ قوم جو نالو وڌيڪ روشن ڪري سگهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نظريو ڇا آهي؟ غلط ۽ درست ڪيئن قرار ڏجي؟
27th Jul 2026
•
پاکستان
اوورسیز پاکستانی ملکی معیشت کو مستحکم بنانے میں کلیدی کردار ادا کر رہے ہیں: ڈاکٹر پرویز اقبال لوہسر
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
29th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ انفارميشن آفيسرن جي سينيئر صحافي ۽ ليکڪ حاجن سولنگي جي عيادت
29th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو نالي وارو راڳي ذوالفقار راھي لاڏاڻو ڪري ويو
29th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ ايس ٽي پي پاران ڌارين جي نيڪالي لاءِ احتجاج
29th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
مظھر ماڊل اسڪول ڪراچي ڪيمپس ۾ استادن جو ٽيون تربيتي سيشن
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڇهين نيشنل جونيئر گيمز ۾ ڪاميابي ما
0 تبصرے