English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير لڳ قاسم ڪمپني جي مرڪزي گيٽ آڏو ڌرڻو، مقامي ماڻهن کي روزگار نه ڏيڻ خلاف احتجاج
80 views
|
15th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) قومي شاهراھ لڳ قاسم ڪمپني جي مک گيٽ آڏو سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي مقامي سنڌي نوجوانن کي روزگار نه ڏيڻ ۽ ٻاهرين علائقن مان ماڻهن کي آڻي نوڪريون ڏيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. احتجاج جي اڳواڻي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻن پير بخش ڀلڪاڻي، اصغر سبزوئي ۽ اياز قمبراڻي ڪئي مظاهرين الزام هنيو ته ڪمپني انتظاميا مقامي ماڻهن کي نظرانداز ڪري غير مقامي ماڻهن کي نوڪريون ڏئي رهي آهي، جنهن سبب علائقي جي نوجوانن ۾ سخت بيچيني ۽ مايوسي پکڙجي رهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته مقامي ماڻهن کي روزگار ۾ اوليت ڏني وڃي ۽ ڀرتين جي عمل کي شفاف بڻايو وڃي ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته علائقي جي صنعتن ۽ وسيلن تي سڀ کان پهريون حق هتان جي رهواسين جو آهي، پر افسوس جو مقامي نوجوانن کي سندن جائز حق کان محروم رکيو پيو وڃي. هنن چيو ته ڪجهه ماڻهو سيڪيورٽي ۽ انتظامي سهڪار جي نالي تي انتظاميا کان فائدا وٺي مزدورن جي حقن جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن، پر اڄ جو ڌرڻو انهن سڀني دعوائن ۽ روين تي هڪ چٽو جواب آهي مقررن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن مقامي ماڻهن کي روزگار فراهم ڪرڻ ۽ سندن جائز مطالبن کي تسليم ڪرڻ لاءِ عملي قدم نه کنيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو. ڌرڻي دوران مظاهرين نعريبازي ڪئي ۽ ڪمپني انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته مقامي سنڌي نوجوانن جي ڀرتي لاءِ فوري طور پاليسي جو اعلان ڪيو وڃي احتجاج ۽ ڌرڻي سبب ڪجهه وقت لاءِ ڪمپني جي مرڪزي گيٽ وٽ معمول جون سرگرميون متاثر رهيون، جڏهن ته مظاهرين پنهنجي مطالبن جي مڃتا تائين جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
آبنائے ہرمز مزید آٹھ روز تک ’’وار آپریشنز زون‘‘ قرار، شپنگ یونینز اور کمپنیوں کا اعلان
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
پاکستان نے افغانستان میں دہشت گردوں کے ٹھکانوں پر حملے سے متعلق بھارتی بیان مسترد کر دیا
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
موسمیاتی تبدیلی کے خطرات سے نمٹنے کے لیے وفاقی اور صوبائی سطح پر تعاون ناگزیر ہے: وزیراعظم
01st Jul 2026
•
سندھ
وفاق ونڈ اور سولر پاور پلانٹس لگانے کی اجازت نہیں دیتا، سندھ میں طویل لوڈشیڈنگ کی مذمت کرتا ہوں: وزیراعلیٰ سندھ
01st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا: گذريل ڏينهن قتل ٿيل نوجوان جو ڪيس داخل، 2 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
آبنائے ہرمز مزید آٹھ روز تک ’’وار آپریشنز زون‘‘ قرار، شپنگ یونینز اور کمپنیوں کا اعلان
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
پاکستان نے افغانستان میں دہشت گردوں کے ٹھکانوں پر حملے سے متعلق بھارتی بیان مسترد کر دیا
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
موسمیاتی تبدیلی کے خطرات سے نمٹنے کے لیے وفاقی اور صوبائی سطح پر تعاون ناگزیر ہے: وزیراعظم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير لڳ قاسم ڪمپني جي
0 تبصرے