English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: شهيد ذوالفقار علي ڀٽو لا ڪاليج مراد ميمڻ ۾ سچل سامي آڊيٽوريم هال جو افتتاح
143 views
|
11th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سچل سامي آڊيٽوريم هال جي افتتاحي تقريب ۾ مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ شخصيتن جي شرڪت
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) شهيد ڀٽو لا ڪاليج مراد ميمڻ ۾ نامياري شاعر سچل سامي جي نالي سان منسوب آڊيٽوريم هال جي افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ڊاڪٽرن، وڪيلن، صحافين، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ معزز شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي تقريب ۾ رٽائرڊ جسٽس حسن فيروز، رٽائرڊ جسٽس شاهنواز طارق، ملير پريس ڪلب جي صدر صدرالدين شيخ، سينيٽر ڊاڪٽر ڪريم خواجه، پيپلز ڊاڪٽرز فورم جي صدر ڊاڪٽر محمد بخش ڏاهڻي، سنڌ بار جي ميمبر رياض ڀٽي، جهانگير رائوجو ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي ان موقعي تي شهيد ڀٽو لا ڪاليج جي پرنسپل ايڊووڪيٽ رياض بلوچ لنڊ مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ کين اجرڪن جا تحفا ۽ اعزازي ايوارڊ پيش ڪري سندن عزت افزائي ڪئي تقريب کي خطاب ڪندي مقررن چيو ته اڄ شاگردن جي محنت، لگن ۽ تعليمي ڪاميابين کي ڏسي بيحد خوشي محسوس ٿي رهي آهي. هنن چيو ته جنهن علائقي ۾ هڪ وقت جهيڙا ۽ تڪرار هوندا هئا، اتي اڄ هڪ معياري لا ڪاليج قائم آهي، جنهن جي بدولت ملير جا نوجوان تعليم حاصل ڪري وڪيل، جج ۽ ٻين اهم عهدن تي پهچي رهيا آهن مقررن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي پاران شهيد ڀٽو لا ڪاليج جو قيام ملير واسين لاءِ هڪ اهم تحفو ثابت ٿيو آهي، جيڪو اڄ نوجوانن جي روشن مستقبل جي ضمانت بڻجي چڪو آهي هنن وڌيڪ چيو ته ملير جي تعليم يافته نوجوانن جو هڪ وڏو خواب پورو ٿيو آهي ۽ اميد آهي ته شهيد ڀٽو لا ڪاليج مان تعليم حاصل ڪندڙ ڪيترائي شاگرد مستقبل ۾ وڪيل، جج ۽ قانوندان بڻجي نه رڳو ملير پر سڄي ملڪ جو نالو روشن ڪندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نظريو ڇا آهي؟ غلط ۽ درست ڪيئن قرار ڏجي؟
27th Jul 2026
•
پاکستان
اوورسیز پاکستانی ملکی معیشت کو مستحکم بنانے میں کلیدی کردار ادا کر رہے ہیں: ڈاکٹر پرویز اقبال لوہسر
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
29th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ انفارميشن آفيسرن جي سينيئر صحافي ۽ ليکڪ حاجن سولنگي جي عيادت
29th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو نالي وارو راڳي ذوالفقار راھي لاڏاڻو ڪري ويو
29th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ ايس ٽي پي پاران ڌارين جي نيڪالي لاءِ احتجاج
29th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
مظھر ماڊل اسڪول ڪراچي ڪيمپس ۾ استادن جو ٽيون تربيتي سيشن
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: شهيد ذوالفقار علي ڀٽو لا ڪاليج مراد ميمڻ ۾
0 تبصرے