2سال اڳ اڍائي ورهين جو محسن لاشاري ايم ڊي اي جي اهلڪارن جي مبينا نااهلي سبب کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿيو هو: وارث
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) شاه لطيف ٽائون ۾ کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿيل معصوم ٻار محسن لاشاري جي واقعي بابت متاثر خاندان ۽ وڪيلن پاران ذميوار آفيسرن خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ تي سخت احتجاج ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ شاه لطيف جي پورهيت بزرگ شهري غازي خان لاشاري، ايڊووڪيٽ ذيشان قاضي، ايڊووڪيٽ اسد ميمڻ ۽ ٻين عوامي پريس ڪلب ملير ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي پريس ڪانفرنس دوران اڳواڻن چيو ته تقريبن ٻه سال اڳ شاه لطيف ٽائون ۾ اڍائي ورهين جو معصوم ٻار محسن لاشاري ايم ڊي اي جي اهلڪارن جي مبينا نااهلي سبب کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويو هو پر اڄ تائين ذميوار ڪامورن خلاف ڪا به قانوني ڪارروائي عمل ۾ نه آندي وئي آهي هنن الزام لڳايو ته ان واقعي ۾ ايم ڊي اي جا ڪيترائي آفيسر، جن ۾ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر لائق احمد خان، نجم الدين سھتو ڊي جي ايم ڊي اي،رضوان ڪي ڊي اي انجنيئر ۽ ٻين انجنيئرن کي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي متاثر ڌر موجب هن معاملي تي ملير ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي وئي، جتان شاه لطيف ٿاڻي کي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، پر پوليس اڃا تائين ڪيس داخل نه ڪيو آهي هنن وڌيڪ چيو ته پوليس طرفان ڪارروائي نه ڪرڻ کان پوءِ جوابدار ڪامورن ڪيس کي لٽڪائڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان به رجوع ڪيو آهي جنهن سبب معاملو وڌيڪ دير جو شڪار ٿي رهيو آهي پريس ڪانفرنس ڪندڙن ڊي سي ملير سميت لاڳاپيل سمورن ادارن کان مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث ذميوار آفيسرن خلاف فوري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ معصوم ٻار جي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي
0 تبصرے