جيڪب آباد ۾ ناري سان ڏيڍ سال تائين اجتماعي زيادتي ۽ وڊيوز رڪارڊ ڪرڻ جو انڪشاف

فراز کوسو سان دوستي هئي، ان گهرائي ساٿين سميت اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ وڊيوز به رڪارڊ ڪيون: ناري

جيڪب آباد ۾ ناري سان ڏيڍ سال تائين اجتماعي زيادتي ۽ وڊيوز رڪارڊ ڪرڻ جو انڪشاف

جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ ناري سان اجتماعي زيادتي ۽ وڊيوز رڪارڊ ڪرڻ جو انڪشاف، متاثر ناري جو والدين سميت جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، سندس چوڻ هو ته ڪجهه ڏينهن اڳ موبائيل فون خراب ٿي جيڪا موبائيلن جي دڪاندار فراز کوسو کي ٺاهڻ لاءِ ڏني هئي فراز کوسو موبائيل فون ٺاهڻ بعد نمبر ورتو، جنهن بعد ساڻس دوستي ٿي وئي، فراز کوسو هڪ جاءِ تي گهرايو جتي 10 ڄڻن اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو جوابدارن جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ سان گڏ وڊيوز به رڪارڊ ڪيون، انصاف ڪيو وڃي، جوابدارن وڊيوز جي ذريعي بليڪ ميل ڪري ڏيڍ سال تائين زيادتي جو نشانو بڻائيندا رهيا، ايس ايس پي ڪيپٽن (ر) فيضان علي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مون واقعي جو نوٽيس ورتو آهي، متاثر ناري ۽ سندس والد ۽ ڀاءُ سان ملاقات به ڪئي آهي، معاملي جي جاچ ڪئي ويندي، جيڪي به جوابدار هوندا گرفتار ٿيندا ٽيمون جوڙي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو ناري مطابق ان جون وڊيوز رڪارڊ ڪري ڏيڍ سال تائين کيس اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو آهي ڏيڍ سال وڏو عرصو آهي جنهن ڪري ڊي اين اي ممڪن ناهي جديد ٽيڪنالوجي جي مدد ۽ سي ڊي آر جي مدد سان جوابدارن کي ظاهر ڪيو ويندو