شڪارپور ۾ آپڪا پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ريلي، اڳواڻن پاران مطالبا منظور نه ٿيڻ تي ڪراچي ۾ ڌرڻڻ جو اعلان

مهانگائي جي حساب سان مراعتون ۽ پگهارون وڌائڻ جو مطالبو

شڪارپور ۾ آپڪا پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ريلي، اڳواڻن پاران مطالبا منظور نه ٿيڻ تي ڪراچي ۾ ڌرڻڻ جو اعلان

شڪارپور(احسان ابڙو) آپڪا ضلعي شڪارپور پاران وڌندڙ مهانگائي ۽ پگهارن ۾ 200 سيڪڙو اضافي لاء 20 کاتن جي ملازمن پاران زبردست احتجاجي ريلي، نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو سخت نعري بازي. تفصيل موجب آل پاڪستان ڪلارڪس ايسوسيئيشن (ايپڪا) ضلعي شڪارپور جي ضلعي صدر عبدالوهاب ڪاغذي جي قيادت ۾ شڪارپور ۾ زبردست احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ۽ سخت نعري بازي ڪئي وئي، شڪارپور ميونسپل ڪاميٽي آفيس مان 20 جي لڳ ڀڳ مختلف کاتن ايجوڪيشن، ھيلٿ، پاپوليشن، ايجوڪيشن ورڪس، لوڪل گورنمينٽ، تعلقہ ميونسپل ڪاميٽي، ھاء ويز، بلڊنگس، سوشل ويلفيئر، پبلڪ هيلٿ، فوڊ، فاريسٽ، شيخ اياز يونيورسٽي، زڪوات عشر، ڪاليجز سميت ٻين ڊپارٽمينٽ جي سوين ملازمن ضلعي صدر عبدالوهاب ڪاغذي جي اڳواڻي ۽ ريلي ڪڍي جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي جماڻي هال پهتي، جتي نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو ويو. ان کان پوءِ ريلي پريس ڪلب شڪارپور پهچي، جتي ملازمن حڪومت خلاف سخت احتجاج ۽ ڇتي نعريبازي ڪئي. جتي آپڪا اڳواڻن ضلعي صدر عبدالوهاب ڪاغذي، مجاهد حسين لانگاهه، صوبائي اڳواڻن آغا شعيب خان پٺاڻ، نظير حسين شاھ،، محمد اسلم شيدي، آغا بابر پٺاڻ، شفيق احمد شيخ، شاهد علي ميمڻ، آصف جمالي، شيراز ڪيهر، منصور جوڻيجو. سيد جاويد شاه، علي قريشي، محمد سچل ڀيو، حاجي شوڪت ۽ ٻين مظاهرين کي خطاب ڪندي چيو ته، وڌندڙ مهانگائي، ملازمن جي پگهارن ۾ 200 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي، تمام ڪلارڪن کي ٽائيم اسڪيل ڏنو وڃي، ملازمن جا اسڪيل روائيز ڪيا وڃن، تمام ڪانٽريڪٽ، ڊيلي ويجز ملازمن کي پڪو ڪيو وڃي، ملازمن جو ميڊيڪل الائونس فري ڪيو وڃي، هائوس رينٽ ۽ ڪنوينس الائونس ۾ 200 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي، رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس ۽ بينيوولنٽ فنڊ رٽائرمينٽ وقت ڏنو وڃي، سنڌ جي سمورن ميونسپل ۽ لوڪل گورنمينٽ جي ملازمن جون پگهارون آن لائين ٽريزري ذريعي ڪري رهيل انڪريمينٽ ڏئي ملازمن ۽ غريب عوام جو معاشي قتل بند ڪيو وڃي، تيل، گيس، بجليءَ جي قيمتن ۽ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سموري سنڌ جا ملازم مطالبا نه مڃڻ جي صورت ۾ ايندڙ مرحلي ۾ احتجاج جو دائرو وڌائي سنڌ سيڪريٽريٽ آڏو احتجاج ڪيو ويندو جنهن جي مڪمل ذميواري حڪومت تي هوندي.