English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: شيدي ڳوٺ ۾ بجلي ۽ پاڻي جي بندش خلاف احتجاج
234 views
|
03rd Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي قديم وسندي شيدي ڳوٺ ۾ سخت گرمي دوران بجلي ۽ پاڻي جي ڊگهي بندش خلاف ڳوٺاڻا روڊن تي نڪري آيا ۽ احتجاجي مظاهرو ڪري انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته قيامت جهڙي گرمي ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان بجلي جي بندش ۽ پاڻي جي کوٽ سندن جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي. هنن چيو ته بجلي نه هجڻ سبب گهرن ۾ پکا بند آهن، جڏهن ته پاڻي جي فراهمي معطل هجڻ ڪري روزمرهه جا ڪم به سخت متاثر ٿي رهيا آهن.ڳوٺاڻن موجب علائقي جا رهواسي سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن، پر لاڳاپيل ادارا سندن مسئلن ڏانهن ڪو به ڌيان نٿا ڏين. احتجاج ڪندڙن چيو ته بار بار شڪايتن باوجود نه بجلي جي فراهمي بحال ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي پاڻي جو مسئلو حل ڪيو ويو آهي.مظاهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي روڊ تي ويهي رهيا ۽ مطالبو ڪيو ته علائقي ۾ بجلي ۽ پاڻي جي فراهمي فوري طور بحال ڪئي وڃي. هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبا پورا نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. مقامي سماجي اڳواڻن ۽ رهواسين سنڌ حڪومت، ضلعي انتظاميا، واپڊا ۽ لاڳاپيل پاڻي فراهم ڪندڙ ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته شيدي ڳوٺ جي رهواسين جي تڪليفن جو فوري نوٽيس وٺي مستقل بنيادن تي مسئلا حل ڪيا وڃن، جيئن ماڻهن کي هن سخت گرمي ۾ وڌيڪ اذيتن کي منهن نه ڏيڻو پوي.احتجاج ڪندڙن چيو ته بنيادي سهولتن جي فراهمي هر شهري جو حق آهي ۽ لاڳاپيل ادارن جي ذميواري آهي ته عوام کي بجلي ۽ پاڻي جهڙيون بنيادي سهولتون بنا رڪاوٽ فراهم ڪن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
25th Aug 2026
•
سندھ
اسوہ حسنہ پوری انسانیت کے لیے مشعل راہ ہے، نظام مصطفیٰ ﷺ کی جدوجہد تیز کرنا عشق مصطفیٰ ﷺ کا حقیقی تقاضا ہے، کاشف سعید شیخ
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ميرٽ جو جنازو !!!
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ کي گوانگ ڊانگ، ڪيليفورنيا ۽ ٽيڪساس جهڙو ڪيئن بڻايو وڃي؟
21st Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعليم جي نالي ۾ ملير جي مٽيءَ جو ماتم، ايجوڪيشن سٽي، اجڙندڙ ڳوٺ ۽ خاموش ٿيندڙ آواز
25th Aug 2026
•
سندھ
اسوہ حسنہ پوری انسانیت کے لیے مشعل راہ ہے، نظام مصطفیٰ ﷺ کی جدوجہد تیز کرنا عشق مصطفیٰ ﷺ کا حقیقی تقاضا ہے، کاشف سعید شیخ
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ميرٽ جو جنازو !!!
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ کي گوانگ ڊانگ، ڪيليفورنيا ۽ ٽيڪساس جهڙو ڪيئن بڻايو وڃي؟
21st Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعليم جي نالي ۾ ملير جي مٽيءَ جو ماتم، ايجوڪيشن سٽي، اجڙندڙ ڳوٺ ۽ خاموش ٿيندڙ آواز
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
وٺ ۾ بجلي ۽ پاڻي جي
0 تبصرے