گلشنِ حديد ۾ فوڊ سپلائر رائيڊر تي تشدد، موبائل فون ۽ روڪ رقم مبينا ڦر

گلشنِ حديد ۾ فوڊ سپلائر رائيڊر تي تشدد، موبائل فون ۽ روڪ رقم مبينا ڦر

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گلشنِ حديد ۾ قائم زم زم ريسٽورنٽ جي هڪ فوڊ سپلائر رائيڊر کي راؤ آرڪيڊ جي پٺئين پاسي موجود مبينا غير قانوني رهائشي قبضي واري هنڌ ڀرسان گذرڻ دوران تشدد جو نشانو بڻائڻ جو واقعو سامهون آيو آهي. ذريعن موجب ڪجهه ماڻهن رائيڊر کي روڪي مبينا طور تي سخت مارڪٽ ڪئي، جنهن دوران سندس موبائل فون ۽ روڪ رقم به ڦر ڪئي وئي.علائقي واسين موجب واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف ۽ هراس جي لهر پکڙجي وئي آهي، جڏهن ته متاثر رائيڊر جوابدارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته مذڪوره هنڌ تي قائم مبينا غير قانوني قبضي ۽ تجاوزات خلاف ماضي ۾ اينٽي انڪروچمينٽ عملي پاران ڪارروائي ڪري انهن کي هٽائڻ جون ڪوششون پڻ ڪيون ويون هيون، پر اهي ڪوششون ڪامياب نه ٿي سگهيون.ڪجهه رهواسين دعويٰ ڪئي آهي ته قبضي ۾ ملوث ماڻهن کي ڪنهن بااثر شخصيت يا گروهه جي سرپرستي حاصل آهي، جنهن سبب انهن خلاف اثرائتي ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي. بهرحال، هن دعويٰ جي آزاد ذريعن کان تصديق نه ٿي سگهي آهي.متاثر رائيڊر ۽ علائقي واسين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، ضلعي انتظاميا ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪيو وڃي، ڦر ٿيل موبائل فون ۽ رقم واپس ڪرائي وڃي ۽ علائقي ۾ قائم مبينا غير قانوني تجاوزات جو مستقل حل ڪڍيو وڃي ته جيئن شهري بنا ڪنهن خوف جي اچ وڃ ۽ پنهنجا روزمرهه جا ڪم سرانجام ڏئي سگهن.رهواسين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ فوري قدم نه کنيا ويا ته علائقي ۾ بدامني ۽ ڏوهاري سرگرمين ۾ وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ٿو.