گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺاڻن جي فائرنگ ۾ مبينا چور مارجي ويو

بجلي جون تارون چوري ڪرڻ دوران فائرنگ ۾ نادر علي سندراڻي مارجي ويو: ڳوٺاڻا

گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺاڻن جي فائرنگ ۾ مبينا چور مارجي ويو

گهوٽڪي ڀرسان بجلي جون تارو چوري ڪرڻ دوران گولي لڳڻ سبب هڪ ڄڻو نادر علي سندراڻي مارجي ويو مارجي ويل نادر علي سندراڻي جي وارثن پاران گهوٽا برادري تي قتل جو الزام لڳائي ڇڏيو ايس ايس پي گهوٽڪي واقعي جو نوٽيس وٺندي ٿاڻي جي وڏي منشي کي معطل ڪري ڇڏيو اي سيڪشن گهوٽڪي ٿاڻي جي پوليس موجب ته شرعاتي جاچ رپورٽ موجب ته ڳوٺ سليمان گهوٽو ڀرسان بجلي جون تارون چوري ڪندي ڳوٺاڻن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو نادر علي سندراڻي مارجي ويو آهي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويل مبينا چور جو لاش تعلقه اسپتال گهوٽڪي پهچايو جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو هوڏانهن مارجي ويل مبينا چور نادر علي سندراڻي جي وارثن موجب ته اسان جو همراه چور نه هو ان کي گهوٽا برادري جي ماڻهون قتل ڪري چور ڄاڻائي پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي واقعي جو ايس پي نوٽيس وٺندي ٿاڻي جي وڏي منشي يار محمد ابڙو کي معطل ڪري ڇڏيو