English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
محرابپور ۾ 3ٻارڙن جي ماءُ جو گهر مان ڳلو ڪپيل لاش هٿ
101 views
|
25th May 2026
•
سنڌي خبرون
وارڊ 15بلاول ڪالوني واسڻ 28 ورهين جي سميرا زال عمران آرائين جو گهر مان ڳلو ڪپيل لاش مليو
محرابپور (رپورٽر) محرابپور ۾ ٽن ٻارڙن جي ماء جو سندس گهر مان ڳلو ڪپيل لاش هٿ آيو آهي، شهر جي وارڊ نمبر 15 بلاول ڪالوني واسڻ اٽڪل 28 ورهين جي پرڻيل ناري سميرا بيبي زوجه عمران آرائين جو گهر اندر ڳلو ڪيپل لاش پيل مليو، جيڪو اڄ صبح جو ننڍ مان اٿي سندس معصوم ٻچڙن ڏسي پنهنجي عزيزن کي اطلاع ڪيو، اهڙو اطلاع ملڻ تي محرابپور پوليس به واقعي واري هنڌ پهچي جائزو وٺي تفصيل ورتا، ان حوالي سان مقتولا ناري جي ڀاء محمد رمضان ابتدائي طور تي صحافين کي ٻڌايو ته ڀيڻ گهر اندر درزڪو ڪم ۽ ٻارڙن جي شئي وڪرو ڪندي هئي، سندس مڙس مزدوري سانگي ڪراچي ويل هو، ڀيڻ کي ڪنهن گذريل رات دير سان وڏي بيدردي سان ڪهي قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي، ڪنهن سان به ڪادشمني ناهي، واقعي جي شفاف جاچ ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، جڏهن ته محرابپور پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ لاء ڪرائيم سين پوليس ٽيم کي نوشهورفيروز مان گهرائي ورتو آهي، ڪرائم سين ٽيم جي ڪارروائي مڪمل ٿيڻ تائين لاش واقعي واري هنڌ ئي پيل آهي. جنهن بعد مقتولا جي مڙھ کي پوسٽ مارٽم لاء رورل هيلٿ سينٽر جي مرده خاني آندو ويندو، محرابپور پوليس موجب واقعي جي گهڻ رخي جاچ جاري آهي، ابتدائي طور تي پيش آيل واقعي جو ڪارڻ معلوم ٿي ناهي سگهيو، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، هوڏانهن گهر اندر پنهنجي معصوم ٻچڙن سان گڏجي رهندڙ پورهيت ناري جي قتل تي علائقي ۾ ڏک ۽ خوف واري لهر ڇانيل آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
محرابپور ۾ 3ٻارڙن جي ماءُ جو گهر مان
0 تبصرے