English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
درياخان مري ۾ صحافين تي مبينا تشدد خلاف نوشهروفيروز ۾ احتجاج
197 views
|
19th May 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي برادري، سول سوسائٽي ۽ سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن پاران احتجاج ڪيو ويو
نوشهروفيروز (ڊ ر)گذريل رات درياخان مري ۾ صحافين تي ٿيل مبينا تشدد خلاف نوشهروفيروز ۾ صحافي برادري، سول سوسائٽي ۽ سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن سخت احتجاج ڪيو۔ ان سلسلي ۾ انصاف چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ صحافين ۽ شهرين شرڪت ڪئي۔ ريلي جي قيادت پريس ڪلب نوشهروفيروز جي صدر محمد يونس راڄپر, جنرل سيڪريٽري علي نواز سولنگي، ڪشن راجا، عطا حسين سمون، عادل عباسي، نويد تڳر، فقير ميهر بهڻ، زاهد لنڊ ۽ سيد مدد علي شاهه سميت ٻيا ڪري رهيا هئا۔ ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته صحافين تي تشدد آزادي صحافت تي سڌو حملو آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو۔ هنن الزام هنيو ته صحافين تي تشدد پوليس جي موجودگي ۾ ڪيو ويو، پر جوابدارن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي۔ پريس ڪلب جي صدر محمد يونس راڄپر مطالبو ڪيو ته تشدد ۾ ملوث غنڊه عنصرن خلاف فوري طور ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي۔ اڳواڻن خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن جلد جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته صحافي برادري ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هڻڻ تي مجبور ٿيندي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
25th Aug 2026
•
سندھ
اسوہ حسنہ پوری انسانیت کے لیے مشعل راہ ہے، نظام مصطفیٰ ﷺ کی جدوجہد تیز کرنا عشق مصطفیٰ ﷺ کا حقیقی تقاضا ہے، کاشف سعید شیخ
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ميرٽ جو جنازو !!!
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ کي گوانگ ڊانگ، ڪيليفورنيا ۽ ٽيڪساس جهڙو ڪيئن بڻايو وڃي؟
21st Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعليم جي نالي ۾ ملير جي مٽيءَ جو ماتم، ايجوڪيشن سٽي، اجڙندڙ ڳوٺ ۽ خاموش ٿيندڙ آواز
25th Aug 2026
•
سندھ
اسوہ حسنہ پوری انسانیت کے لیے مشعل راہ ہے، نظام مصطفیٰ ﷺ کی جدوجہد تیز کرنا عشق مصطفیٰ ﷺ کا حقیقی تقاضا ہے، کاشف سعید شیخ
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ميرٽ جو جنازو !!!
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ کي گوانگ ڊانگ، ڪيليفورنيا ۽ ٽيڪساس جهڙو ڪيئن بڻايو وڃي؟
21st Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعليم جي نالي ۾ ملير جي مٽيءَ جو ماتم، ايجوڪيشن سٽي، اجڙندڙ ڳوٺ ۽ خاموش ٿيندڙ آواز
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
درياخان مري ۾ صحافين تي مبينا تشدد
0 تبصرے