English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ پ پ پ ليڊيز ونگ جي گڏجاڻي, شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي ڀرپور نموني ملهائڻ جو اعلان
271 views
|
09th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
گڏجاڻي ۾ ليڊيز ونگ ضلعي صدر گلزاران سمون ۽ ٻين جي شرڪت
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ ضلعي عمرڪوٽ طرفان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 47هين ورسي ملهائڻ جي حوالي سان اهم گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي، گڏجاڻي ۾ ليڊيز ونگ ضلعي صدر گلزاران سمون، جنرل سيڪريٽري جنت قائمخاني، ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري اندرا ميگھواڙ ۽ راڻي سميت ٻين ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي عوامي سياست جو اهم نالو هو، جنهن ملڪ ۾ جمهوريت، عوامي حقن ۽ آئين جي بالادستي لاءِ تاريخي جدوجهد ڪئي، گڏجاڻي دوران فيصلو ڪيو ويو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 47هين ورسي جي موقعي تي ليڊيز ونگ ضلعي عمرڪوٽ جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن جو وڏو قافلو ڳوٺ ڳڙھي خدا بخش ڀٽو روانو ٿيندو ۽ ورسي تقريب ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي ويندي، اڳواڻن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جا ڪارڪن شهيد قائد جي فلسفي ۽ مشن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پرعزم آهن ۽ هر سال وانگر هن سال به ورسي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نظريو ڇا آهي؟ غلط ۽ درست ڪيئن قرار ڏجي؟
27th Jul 2026
•
پاکستان
اوورسیز پاکستانی ملکی معیشت کو مستحکم بنانے میں کلیدی کردار ادا کر رہے ہیں: ڈاکٹر پرویز اقبال لوہسر
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
29th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ انفارميشن آفيسرن جي سينيئر صحافي ۽ ليکڪ حاجن سولنگي جي عيادت
29th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو نالي وارو راڳي ذوالفقار راھي لاڏاڻو ڪري ويو
29th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ ايس ٽي پي پاران ڌارين جي نيڪالي لاءِ احتجاج
29th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
مظھر ماڊل اسڪول ڪراچي ڪيمپس ۾ استادن جو ٽيون تربيتي سيشن
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي ڀرپور نموني ملهائڻ
عمرڪوٽ ۾ پ پ پ ليڊيز ونگ
0 تبصرے