ٺري ميرواهه ويجهو عورت جو گهر مان لاش هٿ، سندس مڙس قتل الزام هيٺ گرفتار

عورت جي پيءُ ناٺي تي ڌيءَ کي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو الزام مڙهي ڇڏيو

ٺري ميرواهه ويجهو عورت جو گهر مان لاش هٿ، سندس مڙس قتل الزام هيٺ گرفتار

ٺري ميرواهه ويجهو ڇهن ٻارن جي ماءُ جوگهر مان لاش هٿ آيو، سندس مڙس تي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو الزام ، ڳوٺ مينگهو فقير ڀرسان آمنا زال مختيار ابوپوٽو جو سندس گهر مان لاش مليو، عورت جي پيءُ غلام حسين ابوپوٽو پاران ناٺي مختيار ابوپوٽو تي ڌيءَ کي قتل ڪرڻ جو الزام هنيو ويو جنهن بعد پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو ۽ عورت جي مڙس کي گرفتار ڪري ورتو .