English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پ پ نوشهروفيروز جي صدر سهيل اختر عباسي پاران يوسي گهيڙ گجو جو دورو
224 views
|
03rd Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز (ڊ ر) حاجي سهيل اختر عباسي، صدر پيپلزپارٽي ضلع نوشهروفيروز ۽ چيئرمين ضلع ڪائونسل نوشهروفيروز، يوسي گھيڙ گجو جو دورو ڪري گورنمينٽ بوائز ھائير سيڪنڊري اسڪول ڪلھوڙا اسٽيشن ۾ پيور بلاڪ اسڪيم جو باضابطا افتتاح ڪيو. افتتاحي تقريب دوران اسڪول جي پرنسپال اعجاز علي سيال، استادن ۽ شاگردن سهيل اختر عباسي جو والھاڻو استقبال ڪيو ۽ گلن جا هار پارايا. ان موقعي تي ڳالهائيندي سهيل اختر عباسي چيو ته تعليم هر معاشري جي ترقي جو بنياد آهي، ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن جي فراهمي سندن اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن وڌيڪ چيو ته پيور بلاڪ اسڪيم جي مڪمل ٿيڻ سان اسڪول جي ماحول ۾ نمايان سڌارو ايندو، جنهن سان شاگردن کي صاف، محفوظ ۽ سازگار تعليمي فضا ميسر ايندي. هن ضلعي ۾ جاري ترقياتي منصوبن جو ذڪر ڪندي چيو ته عوام سان ڪيل واعدا هر صورت ۾ پورا ڪيا ويندا. تقريب ۾ علائقي جي معززين، والدين، استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ اسڪول ۾ ترقياتي ڪم جي شروعات تي خوشي ۽ اطمينان جو اظهار ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٺٽو: پوليس مرغي جي واپاري جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ نه ڪري سگهي
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
آبنائے ہرمز مزید آٹھ روز تک ’’وار آپریشنز زون‘‘ قرار، شپنگ یونینز اور کمپنیوں کا اعلان
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
پاکستان نے افغانستان میں دہشت گردوں کے ٹھکانوں پر حملے سے متعلق بھارتی بیان مسترد کر دیا
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
موسمیاتی تبدیلی کے خطرات سے نمٹنے کے لیے وفاقی اور صوبائی سطح پر تعاون ناگزیر ہے: وزیراعظم
01st Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٺٽو: پوليس مرغي جي واپاري جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ نه ڪري سگهي
01st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
چهرن جي تبديلي سان ڪجهه نه ٿيندو، نظام جي تبديلي سان سنڌ کي حق ڏياري سگهجن ٿا: خالق جوڻيجو
01st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ مبينا کنڀي گم ڪيل پورهيت اصغر مستوئي جي آزادي لاءِ احتجاجي مارچ
01st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي جي عدالت پاران غلام الله جي صحافي پيرل پياسي جي ضمانت منظور
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
پ پ نوشهروفيروز جي صدر سهيل اختر عباسي
0 تبصرے