سرمد علي ڀاڳت مختلف شعبن جو جائزو ورتو ۽ زيرِ علاج مريضن سان ملاقات ڪري کين مهيا ٿيندڙ سهولتن بابت ڄاڻ حاصل ڪئي
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت سول اسپتال مڪلي جو تفصيلي دورو ڪيو، جتي هن مختلف شعبن جو جائزو ورتو ۽ زيرِ علاج مريضن سان ملاقات ڪري کين مهيا ڪيل طبي سهولتن بابت ڄاڻ حاصل ڪئي۔ ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر صفائي سٿرائي، دوائن جي دستيابي، عملي جي حاضري ۽ مريضن کي ڏنل سهولتن جو جائزو ورتو۔ هن سول سرجن ۽ مرف انتظاميه کي هدايت ڪئي ته اسپتال ۾ علاج ۽ معالجے جي معيار کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي ۽ مريضن کي وقت سر معياري طبي سهولتون مهيا ڪيون وڃن۔ ڊپٽي ڪمشنر خاص طور تي بند پيل ايم آر آءِ ۽ سي ٽي اسڪين مشينن کي فوري طور فعال ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي، ته جيئن عوام کي جديد تشخيصي سهولتون مقامي سطح تي ميسر ٿي سگهن ۽ کين ڪراچي يا ٻين شهرن جو رخ نه ڪرڻو پوي۔ هن ٿيليسيميا جي مريضن جي علاج ۽ معالجے جي انتظامن جو پڻ جائزو ورتو ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته انهن مريضن کي مستقل بنيادن تي بهتر ۽ معياري طبي سهولتون مهيا ڪيون وڃن۔ ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر بلڊ بينڪ ۾ رت جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ آگاهي ۽ رضاڪارانه رت عطيو مهم هلائڻ جي پڻ هدايت ڪئي، ته جيئن ٿالي سيميا ۽ ٻين مريضن کي وقت سر رت جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي۔ ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته عوام کي بهتر صحت جون سهولتون مهيا ڪرڻ ضلعي انتظاميه جي اولين ترجيح آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت هرگز برداشت نه ڪئي ويندي۔ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي وئي ته اسپتال جي انتظامي معاملن کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي ۽ عوامي شڪايتن جي فوري ازالي لاءِ عملي قدم کنيا وڃن۔
0 تبصرے