ايس ٽي پي اڳواڻ عمر ناهيو، جماعت اسلامي جي حمزه ناهيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)بجلي جي سخت لوڊشيڊنگ ۽ ناقص نظام خلاف سياسي ۽ سماجي ڌرين جو ڀرپور احتجاج، ٺٽو-ڪراچي روڊ تي ڌرڻو گهارو شهر ۾ وڌندڙ لوڊشيڊنگ ۽ بجلي جي خراب نظام خلاف مختلف سياسي جماعتن توڙي قومپرست جماعتن سڏ تي گهارو شهر ۾ ڌرڻو ڏنو ويو ڌرڻي مختلف سياسي سماجي ۽ قومپرست ڌرين جي اڳواڻن ايس ٽي پي اڳواڻ عمر ناهيو، جماعت اسلامي اڳواڻ حمزه ناهيو شهيد ڀٽو جي اڳواڻ زوهيب بلوچ جئي سنڌ ڪالاڻي گروپ اصغر خاصخيلي جي اڳواڻن سميت مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن طرفان گڏيل نموني احتجاج ڪيو. مظاهرين ٺٽو-ڪراچي روڊ تي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي. ڌرڻي دوران اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته گهارو ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي انتظام هيٺ بجلي جو نظام مڪمل طور ناڪام ٿي چڪو آهي، جنهن سبب سڄو شهر اڪثر اونداهي ۾ ٻڏل رهي ٿو. هنن الزام هنيو ته هٿرادو لوڊشيڊنگ ذريعي شهرين کي سخت پريشاني ۾ وڌو پيو وڃي. ان موقعي تي گهارو پوليس ۽ ٽائون چيئرمن ڄام گھرام ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون ۽ حالتن کي پرامن رکڻ جي ڪوشش ڪئي.يقين دھاني ڪرائي روڊ کولرايو، ان موقعي تي مظاهرين خبردار ڪيو ته جيڪڏهن بجلي جي مسئلي جو جلد حل نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو. مظاهرين حڪومت ۽ لاڳاپيل اختيارين کان فوري نوٽيس وٺي بجلي جي فراهمي بهتر بڻائڻ جو مطالبو ڪيو.
0 تبصرے