English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري ۾ ينگ ايجوڪيشنل سوسائٽي جي اطهر ميمڻ جي صدارت هيٺ گڏجاڻي
157 views
|
24th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
گڏجاڻي ۾ عيسيٰ ميمڻ، علي بخش پٺاڻ، آڪاش قاضي، زاهد ڪلهوڙو ۽ محمد علي ميمڻ ۽ ٻيا شريڪ
ڏوڪري(اطهر ميمڻ) ينگ ايجوڪيشنل سوسائٽي ڏوڪري جي اهم گڏجاڻي اطهر ميمڻ جي صدارت هيٺ منعقد ٿي، جنهن ۾ عيسيٰ ميمڻ، علي بخش پٺاڻ، آڪاش قاضي، زاهد ڪلهوڙو ۽ محمد علي ميمڻ سميت ٻين ميمبرن ڀرپور شرڪت ڪئي، جڏهن ته اجلاس جي ڪارروائي سيڪريٽري نثار جتوئي هلائي. گڏجاڻي دوران 26 اپريل 2026ع، آچر ڏينهن تي ڏوڪري ۾ “هڪ ڏينهون تعليمي سيمينار” منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، جنهن ۾ ڊاڪٽر سڪندر مغل، ڊاڪٽر ذوالفقار راھوجو، ڊاڪٽر قاسم سوڍر، ڊاڪٽر عيسيٰ ميمڻ ۽ جنيد احمد ڏھر ڌار ڌار تعليمي ۽ علمي موضوعن تي ليڪچر ڏيندا. ان سلسلي ۾ پروگرام جي تيارين ۽ انتظامي معاملن جو تفصيلي جائزو پڻ ورتو ويو. سيمينار کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ مختلف ذميواريون ورهائيندي دعوت ناما ڏيڻ، تعليمي، سماجي ۽ ادبي تنظيمن سان رابطا ڪرڻ ۽ معزز شخصيتن سان ملاقاتن لاءِ الڳ الڳ ڪاميٽيون پڻ جوڙيون ويون. ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي اطهر ميمڻ چيو ته رٿيل تعليمي سيمينار ڏوڪري جي تاريخ ۾ هڪ يادگار حيثيت اختيار ڪندو. هن چيو ته ينگ ايجوڪيشنل سوسائٽي 2003ع کان وٺي تعليم جي واڌاري لاءِ مسلسل سرگرم عمل آهي ۽ پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪيترائي ڪامياب ۽ يادگار پروگرام منعقد ڪرائيندي رهي آهي. گڏجاڻي ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته سيمينار کي هر حوالي سان ڪامياب بڻائي تعليم جي ميدان ۾ مثبت تبديلي آڻڻ لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکيون وينديون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٺٽو: پوليس مرغي جي واپاري جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ نه ڪري سگهي
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
آبنائے ہرمز مزید آٹھ روز تک ’’وار آپریشنز زون‘‘ قرار، شپنگ یونینز اور کمپنیوں کا اعلان
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
پاکستان نے افغانستان میں دہشت گردوں کے ٹھکانوں پر حملے سے متعلق بھارتی بیان مسترد کر دیا
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
موسمیاتی تبدیلی کے خطرات سے نمٹنے کے لیے وفاقی اور صوبائی سطح پر تعاون ناگزیر ہے: وزیراعظم
01st Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٺٽو: پوليس مرغي جي واپاري جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ نه ڪري سگهي
01st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
چهرن جي تبديلي سان ڪجهه نه ٿيندو، نظام جي تبديلي سان سنڌ کي حق ڏياري سگهجن ٿا: خالق جوڻيجو
01st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ مبينا کنڀي گم ڪيل پورهيت اصغر مستوئي جي آزادي لاءِ احتجاجي مارچ
01st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي جي عدالت پاران غلام الله جي صحافي پيرل پياسي جي ضمانت منظور
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڏوڪري ۾ ينگ ايجوڪيشنل سوسائٽي
0 تبصرے