عمرڪوٽ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن ٽنڊو محمد خان تي مبينا تشدد خلاف احتجاج

سرڪاري آفيسر تي تشدد نه صرف قابلِ مذمت آهي پر اهو قانون جي بالادستي تي به سوال اٿاري ٿو: اڳواڻ

عمرڪوٽ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن ٽنڊو محمد خان تي مبينا تشدد خلاف احتجاج

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن ٽنڊو محمد خان غوث محمد پٺاڻ تي مبينا تشدد واري واقعي خلاف صحافي برادري سراپا احتجاج بڻجي وئي۔ عمرڪوٽ پريس ڪلب آڏو ٿيل احتجاج ۾ صحافين ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي۔ احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي سينيئر صحافي رسول بخش رحمداني، عمرڪوٽ پريس ڪلب جي صدر غلام محمد ڪنڀر، سيد عمران شبير شاهه، اسلم مهر، غلام مصطفيٰ مهر، ڪانجي مل رکيسر، وقاص خان يوسفزئي، هرچند ساگر ۽ ٻين ڪئي۔ مقررین پنهنجي خطاب ۾ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي آزادئ صحافت تي کليل حملو قرار ڏنو۔ هنن چيو ته سرڪاري آفيسر تي تشدد نه صرف قابلِ مذمت آهي پر اهو قانون جي بالادستي تي به سوال اٿاري ٿو۔ مظاهرين مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث عنصرن خلاف فوري، شفاف ۽ غيرجانبدار ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي۔ هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن انصاف فراهم نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو۔ صحافي برادري سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سينيئر وزير سنڌ شرجيل انعام ميمن ۽ سيڪريٽري اطلاعات نديم الرحمان ميمن کان فوري نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪندي چيو ته ڊپٽي ڊائريڪٽر اطلاعات ٽنڊو محمد خان غوث محمد پٺاڻ کي انصاف فراهم ڪيو وڃي۔ مظاهرين جو چوڻ هو ته آزاد صحافت جي تحفظ لاءِ اهڙن واقعن جي روڪٿام انتهائي ضروري آهي۔