اجلاس ۾ پارٽي جي جوڙجڪ، ڪارڪردگي ۽ مستقبل جي حڪمت عملي بابت تفصيلي غور ويچار
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع عمرڪوٽ پاران ڊويزن ميرپورخاص جي صدر ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي سان ملاڻي هائوس مٺي تي هڪ اهم تنظيمي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ پارٽي جي جوڙجڪ، ڪارڪردگي ۽ مستقبل جي حڪمت عملي بابت تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو، اجلاس ۾ ضلع عمرڪوٽ جي سينئر نائب صدر برهان الدين ڪنڀر، جنرل سيڪريٽري صوفي نواز سومرو ۽ انفارميشن سيڪريٽري گهنشام داس سميت مختلف سطح جي عهديدارن شرڪت ڪئي، اجلاس دوران يونين ڪائونسل، ٽائون، سٽي، تعلقي ۽ ضلعي سطح تي پارٽي جي نئين سر تنظيم سازي تي خاص ڌيان ڏنو ويو، ان موقعي تي پارٽي ميٽنگس ۽ پروگرامن ۾ عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي غير ذميوارانه غيرحاضري تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي ۽ اهڙي روش کي ختم ڪرڻ لاءِ سخت قدمن تي به غور ڪيو ويو، اڳواڻن زور ڀريو ته پارٽي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سڀني عهديدارن کي پنهنجون ذميواريون ايمانداري سان نڀائڻيون پونديون، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ ڏينهن ۾ تنظيم کي وڌيڪَ فعال ۽ منظم بڻائڻ لاءِ باقاعده گڏجاڻين ۽ ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو، جيئن پارٽي کي عوامي سطح تي وڌيڪَ سگهارو بڻائي سگهجي.
0 تبصرے