English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر (ون) عمران الحق جي صدارت هيٺ اهم اجلاس منعقد
196 views
|
20th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اسسٽنٽ ڪمشنرز، لاڳاپيل آفيسرن سميت فارم هائوسز، شاپنگ مالز مالڪن جي به شرڪت
ٺٽو(شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي هدايتن تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر (ون) عمران الحق جي صدارت هيٺ دربار هال مڪلي ۾ فائر سيفٽي آڊٽ بابت هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو۔ اجلاس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرز، لاڳاپيل آفيسرن سميت ضلعي ڀر جي فارم هائوسز، شاپنگ مالز، هوٽلن، ريسٽورنٽن، واٽر پارڪن ۽ مارڪيٽن جي مالڪن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي۔ ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر (ون) عمران الحق چيو ته انساني جاني تحفظ لاءِ فائر سيفٽي قدمن کي هر صورت ۾ يقيني بڻائڻ لازمي آهي۔ هن سڀني لاڳاپيل مالڪن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي ادارن ۾ فائر فائٽنگ جا اوزار، ايمرجنسي نڪرڻ جا رستا ۽ حفاظتي انتظام فوري طور تي مڪمل ۽ فعال بڻائن۔ هن وڌيڪ چيو ته فائر سيفٽي آڊٽ دوران ڪنهن به قسم جي لاپرواهي يا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي ۽ ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي۔ اجلاس ۾ لاڳاپيل آفيسرن فائر سيفٽي بابت بريفنگ پڻ ڏني ۽ شرڪت ڪندڙن کي ضروري هدايتون فراهم ڪيون ويون۔ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر (ون) اسسٽنٽ ڪمشنرز ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي علائقن ۾ موجود فارم هائوسز، واٽر پارڪس، هوٽلز، ريسٽورنٽس، شاپنگ مالز ۽ مارڪيٽن جو دورو ڪري فائر سيفٽي آڊٽ جي عمل کي هر صورت ۾ يقيني بڻائن۔ آخر ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ان عزم جو اظهار ڪيو ته ضلعي ڀر ۾ فائر سيفٽي جو موثر نظام يقيني بڻائڻ لاءِ قدم جاري رکيا ويندا ته جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال کي بروقت منهن ڏئي سگهجي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
27th Jul 2026
•
پاکستان
اوورسیز پاکستانی ملکی معیشت کو مستحکم بنانے میں کلیدی کردار ادا کر رہے ہیں: ڈاکٹر پرویز اقبال لوہسر
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
27th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ريجنل پاسپورٽ آفيس ۾ ايف آءِ اي جو وڏو ڪريڪ ڊائون، ڪرپشن نيٽ ورڪ بي نقاب، 7 جوابدار گرفتار
27th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ پاڻي ۽ بجلي جو بدترين بحران، سوين رهواسي رستن تي نڪري آيا، ميمڻ ڳوٺ روڊ ۽ قومي شاهراهه تي ڌرڻا
27th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ڪينجھر ڍنڍ تي گھمڻ لاءِ آيل نينگر ٻڏڻ بعد اسپتال نيئندي رستي ۾ فوت
27th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سانوڻيءَ جي موسم ۾ شجرڪاري مهم جي شروعات
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر (ون) عمران الحق
0 تبصرے