English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: دمبا ڳوٺ ڀرسان واٽر پارڪ جي سوئمنگ پول ۾ نوجوان ٻڏي فوت
241 views
|
17th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سوئمنگ پول ۾ وهنجڻ دوران 18ورهين جو عادل پٽ غلام شبير ٻڏي ويو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سپر هاءِ وي تي دمبا ڳوٺ ڀرسان قائم هڪ واٽر پارڪ جي سوئمنگ پول ۾ ٻڏي 18 ورهين جو نوجوان فوت ٿي ويو۔ واقعي کان پوءِ واٽر پارڪ ۾ موجود ماڻهن ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، جڏهن ته انتظاميه ۽ موجود ماڻهن نوجوان کي پاڻي مان ڪڍي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو، پر هو جانبر نه ٿي سگهيو ريسڪيو ذريعن موجب فوتي نوجوان جي سڃاڻپ عادل ولد غلام شبير، عمر 18 سال طور ٿي آهي۔ ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان سوئمنگ دوران اوچتو اونهي پاڻي ۾ هليو ويو ۽ ٻڏي ويو۔ واقعي کان پوءِ کيس فوري طور ايمبولينس ذريعي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن جاچ بعد سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي۔ذريعن موجب نوجوان پنهنجن دوستن سان گڏ تفريح لاءِ واٽر پارڪ آيو هو، جتي هي افسوسناڪ واقعو پيش آيو۔ واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس پڻ اسپتال پهتي ۽ ضروري ڪارروائي شروع ڪئي وئي۔پوليس موجب واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن ته واٽر پارڪ ۾ حفاظتي انتظامن ۽ لائف گارڊ جي موجودگي بابت پڻ معلومات گڏ ڪئي پئي وڃي۔ فوتي نوجوان جو لاش قانوني ڪارروائي مڪمل ٿيڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو، جڏهن ته واقعي بعد گهر ۾ ماتم جو ماحول ڇانئجي ويو آهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٺٽو: پوليس مرغي جي واپاري جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ نه ڪري سگهي
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
آبنائے ہرمز مزید آٹھ روز تک ’’وار آپریشنز زون‘‘ قرار، شپنگ یونینز اور کمپنیوں کا اعلان
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
پاکستان نے افغانستان میں دہشت گردوں کے ٹھکانوں پر حملے سے متعلق بھارتی بیان مسترد کر دیا
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
موسمیاتی تبدیلی کے خطرات سے نمٹنے کے لیے وفاقی اور صوبائی سطح پر تعاون ناگزیر ہے: وزیراعظم
01st Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٺٽو: پوليس مرغي جي واپاري جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ نه ڪري سگهي
01st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
چهرن جي تبديلي سان ڪجهه نه ٿيندو، نظام جي تبديلي سان سنڌ کي حق ڏياري سگهجن ٿا: خالق جوڻيجو
01st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ مبينا کنڀي گم ڪيل پورهيت اصغر مستوئي جي آزادي لاءِ احتجاجي مارچ
01st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي جي عدالت پاران غلام الله جي صحافي پيرل پياسي جي ضمانت منظور
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: دمبا ڳوٺ ڀرسان واٽر پارڪ جي
0 تبصرے