English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ابراهيم حيدري جو لاشاري ڳوٺ گندگي جي ور چڙهيل, انتظاميه ننڊ سُتل
124 views
|
14th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڳوٺ ۾ گندگي سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو، رهواسي پريشان
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ابراهيم حيدري ٽائون جي حد لاشاري ڳوٺ ۾ صفائي جي خراب صورتحال سبب علائقي واسين کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي وارڊ 4 جي جنرل سيڪريٽري عاقب لاشاري ٽائون انتظاميا کان فوري قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي۔ عاقب لاشاري موجب لاشاري ڳوٺ ۾ هنڌ هنڌ تي گندگي ۽ ڪچري جا ڍير لڳل آهن، جنهن سبب علائقي ۾ سخت بدبوءِ پکڙجي وئي آهي، جڏهن ته مڇرن جي وڌندڙ تعداد علائقي واسين جي زندگي اجيرن بڻائي ڇڏي آهي۔ هن چيو ته ٽائون جون صفائي واريون گاڏيون علائقي ۾ اچن ٿيون، پر مڪمل صفائي ڪرڻ بدران اڌ ڪچرو کڻي باقي ڇڏي وڃن ٿيون، جنهن سبب صورتحال وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي۔هن وڌيڪ چيو ته گندگي سبب ٻارن، عورتن ۽ بزرگن کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته مختلف بيمارين پکڙجڻ جو خدشو پڻ وڌي ويو آهي۔ علائقي واسين ڪيترائي ڀيرا لاڳاپيل اختيارين کي شڪايتون پڻ ڪرايون آهن، پر اڃا تائين مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي۔پيپلز پارٽي اڳواڻ عاقب لاشاري نظير ڀٽو چيئرمين ابراهيم حيدري ٽائون ۽ مشتاق مٽو کان اپيل ڪئي آهي ته فوري طور تي اضافي صفائي عملو ۽ گاڏيون موڪليون وڃن ته جيئن علائقي کي ڪچري مان پاڪ ڪيو وڃي۔هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن جلد صفائي جو عمل شروع نه ڪيو ويو ته علائقي جا ماڻهو احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا۔ علائقي واسين پڻ ٽائون انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته لاشاري ڳوٺ ۾ مستقل بنيادن تي صفائي جو نظام بهتر بڻايو وڃي ته جيئن عوام کي هن تڪليف ڏيندڙ صورتحال مان نجات ملي سگهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ابراهيم حيدري جو لاشاري ڳوٺ گندگي
0 تبصرے