English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت پاران بلڊ ڊونيشن وارڊ جو افتتاح
265 views
|
06th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاگت سول اسپتال مڪلي ۾ بلڊ ڊونيشن وارڊ جو باقاعده افتتاح ڪري ڇڏيو۔ افتتاحي تقريب دوران ڊپٽي ڪمشنر پاڻ به رت جو عطيو ڏئي مهم جو عملي آغاز ڪيو۔ ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ٿيليسميا ۾ مبتلا ٻارن جي والدين کي رت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد جهڙن وڏن شهرن ڏانهن وڃڻ سبب کين سخت مشڪلاتن ۽ پريشاني کي منهن ڏيڻو پوي ٿو۔ هن چيو ته ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي ضلعي انتظاميا سڀني لاڳاپيل کاتن ۽ عوام ۾ آگاهي مهم شروع ڪئي آهي ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو رضاڪارانه طور رت جو عطيو ڏين۔ سندس چوڻ هو ته جيترو هن مهم کي وسيع ڪيو ويندو، اوترو ئي ٿيليسميا جهڙي موذي بيماري جو بهتر نموني مقابلو ڪري سگهجي ٿو۔ ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته ٿيليسميا هڪ تڪليف ڏيندڙ بيماري آهي ۽ ان ۾ مبتلا ٻارن ۽ سندن والدين جي تڪليفن کي گهٽائڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي۔ هن ٻڌايو ته بلڊ ڊونيشن مهم 10 اپريل 2026ع تائين جاري رهندي ۽ ان دوران گڏ ٿيندڙ رت صرف ٿيليسميا جي رجسٽرڊ ۽ غير رجسٽرڊ مريضن لاءِ مخصوص هوندو۔ هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته صحت کاتي کي وڌيڪ فعال بڻايو ويندو ۽ هڪ مربوط نظام جوڙيو ويو آهي ته جيئن والدين کي رت جي ڊونرز جي تلاش ۾ مشڪلاتن کي منهن نه ڏيڻو پوي۔ ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سول اسپتال ۾ قائم انڊس بلڊ بينڪ ۽ ٿيليسميا وارڊ جو معائنو پڻ ڪيو ۽ اتي فراهم ڪيل سهولتن جو جائزو ورتو۔ ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمران الحق، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو وليد ڊاوچ، اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو شاڪر فهيم، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر صفدر علي شاهه، سول سرجن ڊاڪٽر يامين شاهه، انچارج انڊس بلڊ بينڪ ڊاڪٽر عليم عقيلي سميت ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نظريو ڇا آهي؟ غلط ۽ درست ڪيئن قرار ڏجي؟
27th Jul 2026
•
پاکستان
اوورسیز پاکستانی ملکی معیشت کو مستحکم بنانے میں کلیدی کردار ادا کر رہے ہیں: ڈاکٹر پرویز اقبال لوہسر
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
29th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ انفارميشن آفيسرن جي سينيئر صحافي ۽ ليکڪ حاجن سولنگي جي عيادت
29th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو نالي وارو راڳي ذوالفقار راھي لاڏاڻو ڪري ويو
29th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ ايس ٽي پي پاران ڌارين جي نيڪالي لاءِ احتجاج
29th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
مظھر ماڊل اسڪول ڪراچي ڪيمپس ۾ استادن جو ٽيون تربيتي سيشن
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت
0 تبصرے